پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سپر ايٽ مرحلي ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.
پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون سڀاڻي شام ساڍي 6 وڳي پاليڪيلي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون، گرين شرٽس کي ٽائيٽل جي ڊوڙ ۾ رهڻ لاءِ سڀاڻي هر صورت ۾ ميچ کٽڻي پوندي.
سپر ايٽ گروپ 2 ۾ پوائنٽس ٽيبل جي حساب سان انگلينڊ جي ٽيم پهرين پوزيشن تي موجود آهن، جنهن ميزبان سريلنڪا کي شڪست ڏني، جڏهن ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون هڪ – هڪ پوائنٽ سان تربيت وار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن، برسات سبب پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ميچ نه ٿي سگهي هئي ۽ ٻنهي ٽيمن کي هڪ – هڪ پوائنٽ ڏني وئي هئي.
پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ رهيل ٻئي ميچون کٽڻيون پونديون، جيڪڏهن پاڪستان سڀاڻي انگلينڊ خلاف شڪست کائي ٿو ته ان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان تقريبن ختم ٿي ويندا.
You might also like