ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان فاف ڊوپليسي، بابر اعظم کي ورلڊ ڪلاس رانديگر قرار ڏيندي چيو آهي ته اسٽرائيڪ ريٽ جي معاملي ۾ ان جو پوئتي رهجڻ جو ڪارڻ تيز رفتار ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ آهي.
ڪرڪ انفو جي شو ”ٽائم آئوٽ“ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فاف ڊوپليسي زور ڏنو ته بابر اعظم ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن کي ان معاملي تي کليل نموني ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ بابر اعظم جي صلاحيتن جو وڌ کان وڌ فائدو کڻي سگهجي.
هن چيو ته سمورا وڏا رانديگر پنهنجي ڪيريئر دوران حصن ۾ ورهائبا آهن، اسان بابر اعظم کي دنيا جي عظيم رانديگرن ۾ شمار ڪندا آهيون پر ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هو اسٽرائيڪ ريٽ جي معاملي ۾ ٿورو پوئتي رهجي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڏکين مرحلن ۾ 120 کان 130 اسٽرائيڪ ريٽ جو رانديگر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر هاڻ راند ايتري قدر تيز ٿي وئي آهي جو توهان کي 160 کان 190 يا وري 200 تائين اسٽرائيڪ ريٽ جي ضرورت هوندي آهي ته جيئن ڀرپور فائدو وٺي سگهجي.
ڊوپليسي وڌيڪ چيو ته سريلنڪا جي سست پچن تي بابر سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اهڙيون وڪيٽون وڌيڪ اثرانداز هونديون آهن، تنهن ڪري بابر کي مڊل ۾ کيڏائڻ وڌيڪ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو.
گڏوگڏ هن اهو به چيو ته بابر اعظم لاءِ پنهنجي راند کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ڏکيو آهي، ڇو ته ان جي عمر ۽ تجربو وڌي چڪو آهي.
You might also like