ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمن سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ٽرولنگ، گارگند، فحش ٻولي ۽ ويوز لاءِ ڪوڙا ڪيپشن استعمال ڪرڻ کي شرعي طور ناجائز قرار ڏئي ڇڏيو.
اها ڳالهه نجي ٽي وي شو جي رمضان ٽرانسميشن ۾ اينڪر وسيم بادامي جي سوال جي جواب ۾ سامهون آئي، جتي هن ٽرولنگ بابت سوال ڪيو.
اينڪر چيو ته اڳ ۾ ان کي گاريون ڏيڻ چوندا هئا پر هاڻ ان عمل کي ٽرولنگ جو نالو ڏنو ويو آهي، ان بابت اسلام ڇا ٿو چئي؟
ان تي عالمن چيو ته عنوان تبديل ڪرڻ سان حقيقت تبديل ناهي ٿي ويندي، جيڪو شخص گارگند ڪري ٿو ۽ فحش ٻولي استعمال ڪري ٿو، ان جا اثر معاشري تي به پون ٿا ۽ اهو عمل ڪنهن به صورت ۾ جائز نٿو ٿي سگهي.
ميزبان سوال ڪيو ته اهي مس ليڊنگ ڪيپشن، جيڪي وڌيڪ ويوز حاصل ڪرڻ لاءِ لڳايا ويندا آهن، انهن بابت ڇا راءِ آهي؟
عالمن چيو ته ڪوڙ تي ٻڌل ڪيپشن لڳائڻ ۽ ماڻهن کي دوکو ڏيڻ ذهني اذيت جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جڏهن ڪو شخص ڪنهن وڊيو تي ڪلڪ ڪري ٿو ۽ کيس اميد موجب مواد نٿو ملي ته اهو سخت ناراضگي ۽ تڪليف پيدا ڪندو آهي.
هنن چيو ته اهو عمل نه رڳو غير مناسب آهي پر ڏوهه به آهي ۽ ان سبب متاثر ٿيندڙ شخص تي به اثر پون ٿا، جنهن جو ڏوهه به ان شخص جي عملن ۾ شامل ٿي ويندو.
ڇا سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ۽ ويوز لاءِ ڪوڙا ڪيپشن جائز آهن؟ عالمن جي راءِ سامهون اچي وئي
You might also like