ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: شئمرون هٽمائر زمبابوي خلاف ويسٽ انڊيز لاءِ تيز ترين ففٽي جڙي ورتي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 44 هين ميچ ۾ شئمرون هٽمائر پنهنجي ملڪ لاءِ تيز ترين ففٽي جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
ممبئي جي وانکيڙي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سُپر ايٽ جي مقابلي دوران زمبابوي جي ڪپتان سڪندر رضا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ابتدائي جھٽڪن کانپوءِ شئمرون هٽمائر جارحاڻو انداز اختيار ڪندي زمبابوي بالرن خلاف شاندار اسٽروڪ کيڏيا ۽ ميچ جي اٺين اوور جي پنجين بال تي پنج ۽ چار چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي.
هٽمائر ويسٽ انڊيز طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ تيز ترين ففٽي اسڪور ڪندڙ بيٽر جو اعزاز حاصل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.