ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي، مداح بابر اعظم کي ٽيم مان ڪڍڻ جو وظيفو پڇڻ لڳا!

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي فائنل سميت ڀارت خلاف ٽن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ هاڻي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ 2026 ۾ به شڪست کائي چڪي آهي.
گرين شرٽس جي بيٽنگ جو اهم ٿنڀ سمجهيو ويندڙ بابر اعظم ايشيا ڪپ ۾ شامل نه هو، جڏهن ته ورلڊڪپ ۾ هينئر تائين هو ڪا ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ڏيکاري نه سگهيو آهي.
سندس خراب ڪارڪردگي سبب اڳوڻن ڪرڪيٽرن سميت ڪرڪيٽ شوقين به لڳاتار کيس ٽيم مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
اسٽار بيٽر جي ڪارڪردگي مان مايوس هڪ هڪ مداح نجي ٽي وي چئنل جاري رمضان ٽرانسميشن ۾ لائيو ڪال ڪري مولانا آزاد جميل کان بابر اعظم کي ٽيم مان ڪڍڻ جو وظيفو پڇي ورتو.
ڪالر جي سوال تي ميزبان چيو ته اڄڪلهه ته اهو هر ٻار جي ذهن ۾ هلي رهيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اسان سٺا ڪرڪيٽر کيڏايون.
هن چيو ته عوام پاڪستان سان ۽ ڪرڪيٽ ٽيم سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو، پر جيڪو ڪارڪردگي نه ڏيکاريندو ان لاءِ پوءِ اهو ئي ٿيندو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کيس ڪڍيو وڃي.
مولانا آزاد جميل چيو ته جڏهن اوهان ميدان ۾ ڇڪو هڻندا آهيو ته گهرن ۾ ويٺل ماڻهو اوهان لاءِ تاڙيون وڄائيندا آهن، اوهان کي ڏسي ڪرڪيٽ کيڏندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته راند کي راند نه بڻايو، اها اوهان تي هڪ ذميواري آهي. اوهان جڏهن ميدان ۾ ويندا آهيو ته پاڙيسري ملڪ جو نالو ٻڌي اوهان تي سڪتو ڇو طاري ٿي ويندو آهي؟
مولانا آزاد جميل چيو ته اسان جي گذارش آهي ته ڪرڪيٽ ٽيم کي بنيان المرصوص ۾ دشمن جا جهاز ڪِيرائيندڙ پاڪ فوج کان تربيت جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.