ڪرڪ (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪرڪ ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جي قلعي تي ڪواڊ ڪاپٽر جي حملي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا، زخمين اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 زخمي اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڊي پي او ڪرڪ موجب درگهه شهيدان واري علائقي ۾ ايف سي جي قلعي تي ڪواڊ ڪاپٽر سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 5 اهلڪار زخمي ٿيا، جن کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ايمبولينس ۾ منتقل ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ان کانپوءِ ۾ زخمي ايف سي اهلڪارن کي اسپتال کڻي ويندڙ ايمبولينس تي به هٿياربندن طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ريسڪيو جا 2 اهلڪار به زخمي ٿيا.
پوليس موجب، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي زخمي اهلڪارن کي کڻي ويندڙ ايمبولينس تي بهادر خيل ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب ايمبولينس ۾ موجود 3 زخمي فيڊرل ڪانسٽيبلري اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيندڙ ٻين ماڻهن کي اسپتال نيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي کانپوءِ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.