ڪراچي (رپورٽر ) متحدہ قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين خالد مقبول صديقي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ آئين جي خلاف قرارداد پيش ڪري منظور ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن خوف هيٺ پاس ڪئي وئي لڳي ٿي. هن چيو ته ڪو به صوبو پاڻ کي پاڪستان جي آئين کان مٿانهون نٿو سمجهي سگهي،ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته هر مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه ۾ آهي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان امن سان رهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ملڪ هڪ اهم موڙ تي پهچي چڪو آهي ۽ هاڻي فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جي عوام کان سوال آهي ته ڇا ڪو به پاڪستان جي آئين جي خلاف قرارداد منظور ڪري سگهي ٿو؟ جيڪي ٽيڪس ڏين ٿا، ڇا انهن کي ڪو اختيار نه هجڻ گهرجي؟ چيئرمين ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو ته سندن جماعت پاڪستان سان محبت ڪندڙ آهي، ڌرتي ماءُ پاڪستان آهي ۽ صوبا ان جا حصا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ 1947ع کان شروع ٿئي ٿي ۽ سنڌوديش جو خواب ڪڏهن به حقيقت نه بڻجندو،ڪو پنهنجي تاريخ سان اصل مسئلي تان هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪري، خالد مقبول صديقي چيو ته هي ڪهڙو انصاف آهي جو 180 سيٽون کٽيندڙ جيل ۾ هجي ۽ 80 سيٽون وٺندڙ حڪومت ۾ هجي، هن الزام لڳايو ته هڪ مصنوعي اڪثريت رکندڙ جماعت سنڌ تي قابض آهي ۽ جعلي مردم شماري ذريعي اقتدار ۾ ويٺي آهي،هن چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان گهڻ لساني صوبو آهي، پر شهري علائقن سان 50 سالن کان ناانصافي ٿي رهي آهي،رياست کان سوال ڪريون ٿا ته ڇا لسانيت جي بنياد تي اهڙي ورڇ ٻئي ڪٿي آهي؟ هن دعويٰ ڪئي ته منصوبابندي ڪميشن جي رپورٽ موجب غربت جي شرح سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڌي آهي. مردم شماري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي جي آبادي کي 37 سيڪڙو گهٽ ڳڻيو ويو آهي،آبادي جي لحاظ کان ڪراچي جو ڪو حصو بچيو آهي؟پاڪستان جي رياست، وزيراعظم، صدر ۽ عدليه کان سوال آهي ته جيڪو سلوڪ سنڌ ۾ شهري علائقن سان 50 سالن کان ٿيو آهي، پاڪستان جي ٻئي حصي ۾ ٿيو آهي؟پاڪستان اسان جي ڌرتي ماءُ آهي،صوبا ان جو حصو آهن،هن چيو ته ادهرهم ادهر تم به پاڪستان جي ورهاڱي جو نعرو آهي،هن چيو ته نئين صوبي لاءِ شهري علائقن ۾ ريفرنڊم ڪرايو وڃي،ريفرنڊم کي غداري ڪوٺيندڙن کي روڊن تي جواب ڏنو ويندو،اسان جي شرافت کي ڪمزور نه سمجهيو ،ڪراچي جي ڪري ئي سنڌ پاڪستان جو سڀ کان امير ترين صوبو آهي، هن چيو ته آئين جو آرٽيڪل 239 نون صوبن جي قيام جي اجازت ڏئي ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 140-اي تحت مڪاني ادارن کي اختيار ملڻ گهرجن، پر سنڌ حڪومت پنهنجن ميئرن کي به مڪمل اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.هن وڌيڪ چيو ته 72 سال اڳ لاڳو ڪيل ڪوٽا سسٽم مان عام ماڻهن کي ڪو فائدو نه ٿيو. هن دعويٰ ڪئي ته وفاق کان سنڌ کي 30 هزار ارب رپيا مليا، جن مان اڌ ڪراچي کي ملڻ گهرجن ها، پر اهي رقمون صحيح نموني خرچ ناهن ڪيون ويون. هي اسميبلي اسان جي پئسن سان هلي ٿي،سنڌ پوليس کي اسان جي پئسن مان پگهار ملي ٿي،جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين اهي حڪمراني جو حق نٿا رکن،سنڌ ۾ ڪرپشن آهي،پنجاب ۽ ڪي پي جا گورنر به سياسي سرگرميون ڪري رهيا آهن