آمريڪي سپريم ڪورٽ جي پابندي باوجود ٽرمپ جو عالمي سطح تي 10 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سپريم ڪورٽ طرفان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هنگامي اختيارن تحت لاڳو ڪيل وڏو ٽيرف غير قانوني قرار ڏيڻ کانپوءِ هن سڀني واپاري ڀائيوارن تي واڌو 10 سيڪڙو عالمي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عدالت عظميٰ 6 جي ڀيٽ ۾ 3 ججن جي اڪثريت جو فيصلو ڏيندي قرار ڏنو ته 1977 جي قانون ”انٽرنيشنل ايمرجنسي اڪنامڪ پاورز ايڪٽ“ تحت ٽيرف لاڳو ڪرڻ صدر جي اختيارن کان مٿانهون هو.
عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪانگريس ٽيرف لڳائڻ جو غير معمولي اختيار ڏيڻ چاهيو ته اها ان کي واضح طور قانون ۾ شامل ڪري ها.
فيصلي کانپوءِ وائيٽ هائوس ۾ گفتگو ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي صدر جي واپاري اختيارن کي گهٽ ناهي ڪيو پر وڌيڪ واضح ۽ مضبوط ڪيو آهي.
هن ڪجهه ججن تي تنقيد ڪندي چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ درست فيصلو نه ڪرڻ تي کيس شرمندگي آهي.
ٽرمپ اشارو ڏنو ته هو متبادل قانوني اختيار استعمال ڪندي نوان ٽيرف لاڳو ڪندو، صدر کي قومي مفاد جي تحفظ لاءِ وڌيڪ وڏي شرح سان ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.
آمريڪي آئين موجب ٽيڪس ۽ ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اختيار ڪانگريس وٽ آهي پر ٽرمپ ڪانگريس جي منظوري بنا ڄاڻايل قانون تحت تقريبن سڀني واپاري ڀائيوارن تي درآمد ٽيڪس لاڳو ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.