رمضان المبارڪ: جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو آسان ۽ بهترين طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ ۾ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿيڻ عام ڳالهه آهي پر ان کي ڪيئن ختم ڪجي، ماهرن ان حوالي سان آسان طريقو ٻڌائي ڇڏيو آهي.
روزي جي حالت ۾ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان چڪر اچڻ، مٿي ۾ سور، سستي ۽ ٿڪاوٽ جي شڪايت ٿي سگهي ٿي.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شيف فرح پاڻي جي کوٽ فوري طور ختم ڪندڙ آسان گهريلو طريقو ٻڌايو آهي.
هن ٻڌايو ته هڪ چمچو ڏهي، ٻه چپٽيون گلابي لوڻ، اڌ چمچو تخم بالنگا ۽ ٽي کان 4 عدد آلو بخارا، انهن سڀني شين کي مڪس ڪري هڪ ليٽر پاڻي ۾ ملايو.
سندس چوڻ هو ته اهو نسخو ايترو بهترين آهي جو ڊي هائيڊريشن جي شڪايت ٿي ئي نٿي سگهي پر توهان پاڻ کي تندرست محسوس ڪندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.