ممبئي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ ۾ پاڻ مڃائيندڙ من موهڻي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ڊگهي عرصي کانپوءِ نيٺ بالي ووڊ ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پريانڪا چوپڙا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته هوءَ ڪڏهن به بالي ووڊ ڇڏڻ نه پئي چاهي، پر کيس دٻاءَ هيٺ اهو قدم کڻڻو پيو.
اداڪارا واضح لفظن ۾ چيو ته هن ڪڏهن به ڀارتي فلم انڊسٽري کي ڇڏڻ جو ارادو نه ڪيو هو، پر وڌيڪ مختلف ۽ دلچسپ موقعا ڳولڻ لاءِ کيس ٻاهر وڃڻو پيو.
انٽرويو دوران پريانڪا چوپڙا جي بالي ووڊ کان هالي ووڊ ۽ ٻين شعبن ڏانهن منتقلي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
هن وضاحت ڪئي ته اها تبديلي ڪيئن ۽ ڇو آئي ۽ اهو فيصلو انهن موقعن جي بنياد تي ڪيو ويو جيڪي کيس ڀارت ۾ دستياب هئا.
ياد رهي ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪيئي ورهيه ڪم ڪرڻ کانپوءِ، پريانڪا چوپڙا ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هالي ووڊ ۾ ڪيئي پروجيڪٽ ڪيا.
اداڪارا چيو ته ”مان ڪڏهن به بالي ووڊ ڇڏڻ نه پئي چاهيو، پر ڪيترن سببن جي ڪري مون کي هندي فلمون محدود محسوس ٿينديون هيون ۽ مون تي دٻاءُ وڌو پئي ويو، جنهن کانپوءِ مان اهڙا موقعا ڳولي رهي هيس جيڪي هڪ فنڪار طور مون لاءِ وڌيڪ دلچسپ هجن ۽ نيٺ مان آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ لڳيس.
هن وقت اداڪارا ڀارت ۾ فلمساز راجا مولي جي پروجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي پنهنجي تازي فلم ”دي بلف“ کي نيويارڪ ۾ پروموٽ ڪري رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 43 ورهين جي اداڪارا چيو ته هوءَ ان ڳالهه تي خوش آهي ته کيس چونڊ ڪرڻ جي آزادي حاصل آهي ۽ هوءَ پنهنجي ملڪ واپس اچي ڪم ڪرڻ مان لطف اندوز ٿئي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته مان واقعي خوش آهيان ته ٻيهر ڀارت ۽ وارانسي ۾ ڪم ڪري رهي آهيان، مان نه چاهينديس ته مون کي ٻنهي جي وچ ۾ چونڊ ڪرڻي پوي، ڇاڪاڻ ته مون کي ٻنهي انڊسٽريز ۾ ڪم ڪرڻ سٺو لڳي ٿو، اهي ڪيترن حوالن سان مختلف آهن، بلڪل جيئن ثقافتون مختلف هونديون آهن.
ڪيئي سالن تائين ڪم ڪرڻ کانپوءِ بالي ووڊ ڇڏڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟ پريانڪا چوپڙا نيٺ سچ ٻڌائي ڇڏيو
You might also like