ايپسٽين فائلز: ليونارڊو ڊي ڪيپريو تي انساني گوشت کائڻ جو الزم، حقيقت سامهون اچي وئي

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) مختلف سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي اڄڪلهه هڪ دنگ ڪندڙ دعويٰ تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته هالي ووڊ سُپر اسٽار اداڪار ليوناڊو ڊي ڪيپريو مبينا طور 70 پائونڊ ”ٻارن جو گوشت“ کاڌو.
اهو انڪشاف تازو جاري ٿيندڙ جيفري ايپسٽين سان لاڳاپيل فائلز ۾ ٿيو آهي، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڪجهه پوسٽن ۾ چيو ويو ته اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو فلمساز ووڊي ايلن سان اي ميلز ۾ پاڻ کي آدم خور قرار ڏنو.
اهڙي قسم جون ڇرڪائيندڙ دعوائون ڏسي سوشل ميڊيا واهپيدارن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي، پر موجود دستاويزن ۽ تصديقي رپورٽن جي جائزي کانپوءِ هڪ بلڪل مختلف حقيقت سامهون آئي آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل لکين دستاويزن، جيڪي ايپسٽين جي نيٽ ورڪ ۽ رابطن بابت آهن، انهن ۾ ليوناڊو ڊي ڪيپريو جو نالو رڳو ڪجهه موقعن تي سامهون آيو هو.
دستاويزن موجب، هڪ اي ميل ۾ اڳوڻي برطانوي سفير پيٽر مينڊلسن ايپسٽين سان ڊي ڪيپريو جي امڪاني برانڊ اينڊورسمنٽ بابت رابطو ڪيو، جڏهن ته ٻي اي ميل ۾ 2016ع دوران اداڪار سان امڪاني ڊنر ملاقات جو ذڪر ڪيو ويو.
اهم ڳالهه اها آهي ته دستاويزن ۾ ڪٿي به آدم خوري، ٻار جي گوشت يا ڪنهن به قسم جي مجرماڻي سرگرمي جو ڪو ذڪر موجود ناهي.
وائرل ٿيل سنگين الزام حقيقت ڪجهه غير تصديق ٿيل ويب سائيٽن ۽ سازشي نظرين تي آڌاريل رپورٽن ذريعي پکڙيا، جن ۾ مبهم اصطلاحن کي غلط نموني پيش ڪري عالمي شخصيتن خلاف تجسس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا جي ڪميونٽي فيڪٽ چيڪس ۽ آزاد تحقيق موجب، ڊي ڪيپريو جو نالو فائلن ۾ رڳو ان ڪري آيو ڇاڪاڻ ته ايپسٽين مختلف موقعن تي بااثر شخصيتن جا نالا کڻي پنهنجن لاڳاپن ۽ پهچ کي وڌائي بيان ڪندو هو.
عدالتي رڪارڊ ۽ ثبوت مان به پتو پيو آهي ته اداڪار نه ايپسٽين جي ڪنهن ملڪيت تي ڏٺو ويو ۽ نه ئي مٿس ڪنهن به قسم جي بدعنواني يا غيرقانوني سرگرمي جو ڪو الزام ثابت ٿيو آهي.
ماهرن موجب، اِها دعويٰ مڪمل طور ڪوڙي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پکڙيل ورغلائيندڙ مهم جو حصو آهي، فيڪٽ چيڪ مان واضح ٿيو آهي ته ايپسٽين دستاويزن ۾ ليوناڊو ڊي ڪيپريو خلاف آدم خوري يا ڪنهن به سنگين ڏوهه جو ڪو ثبوت موجود ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.