اسان جا اندروني معاملا ٺيڪ هجن ها ته اڄ عمران خان جيل ۾ نه هجي ها: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته مقبوليت باوجود به اسان عمران خان کي جيل مان نه ڪڍي سگهيا آهيون، اسان جي نيت ٺيڪ ناهي يا اسان استعمال ٿي رهيا آهيون.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن اسان جا اندروني معاملا ٺيڪ هجن ها ته عمران خان جيل ۾ نه هجي ها، ملڪ ۾ قانون ۽ آئين نه هجڻ سان گڏ اسان جون به غلطيون آهن، مقبوليت ۽ سپورٽ باوجود به اسان عمران خان کي جيل مان ڪڍڻ ۾ بار بار ناڪام ٿي رهيا آهيون، اها اسان جي ناداني آهي، نيت ٺيڪ ناهي يا وري اسان استعمال ٿي رهيا آهيون.
هن چيو ته مان پنهنجي ذات لاءِ ڪاوڙ نٿو ڪريان، پنهنجي ليڊر لاءِ ڪاوڙ ڪريان ٿو ته برداشت ڪرڻ گهرجي، اسان کي دٻاءُ وڌائڻو پوندو جيڪو رڳو ڳالهين سان نٿو وڌي، ڊائلاگ ۽ روزانو ٽِڪ ٽاڪ ٺاهڻ سان دٻاءُ نه وڌندو، ڪنهن تي الزام نٿو لڳايان پر ڪو نه ڪو ڪارڻ ته آهي جنهن سبب دٻاءُ گهٽيو آهي، ٽي وي تي ڳالهين ۽ ٽِڪ ٽاڪ تي ڌمڪيون ڏيڻ سان ڳالهه نه ٺهندي.
علي امين جو چوڻ هو ته اسان عمران خان کي ڊاڪٽر تائين رسائي جو حق به نٿا ڏياري سگهون، مون وٽ سرڪاري يا پارٽي عهدو ناهي، مان هڪ ورڪر آهيان، احتجاج جي سڏ تي ٻه دفعا سڀ کان وڏي ريلي وٺي آيو هوس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.