ڪوئلي مان يوريا ٺاهڻ جو منصوبو ٿر لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪوئلي مان يوريا ٺاهڻ جو منصوبو ٿر ۽ پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.ڪوئلي مان يوريا ڀاڻ جي تياري واري منصوبي بابت فوجي فرٽيلائزر ڪمپني ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ گڏجاڻي ٿي. ملاقات ۾ ايف ايف سي جو سي اي او جهانگير پراجا ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. عملدارن وڏي وزير کي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪوئلي مان يوريا ڀاڻ تيار ڪرڻ سان يوريا جو اگهه گهٽجندو ۽ زرعي شعبي کي فائدو ٿيندو. هي منصوبو سنڌ جي معيشت لاءِ اهميت جوڳو آهي. منصوبي سان 3500 کان وڌيڪ سڌي ريت ۽ 7000 کان وڌي اڻ سڌا روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. يوريا جي درآمد ۾ گهٽتائي ايندي ۽ امڪاني طور تي 260 ملين ڊالر تائين برآمد سان قومي خزاني کي فائدو ٿيندو. سنڌ حڪومت کي ساليانو تقريبن 5.5 ملين ڊالر تائين رائلٽي ملڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.