”عمران خان کي 25 فيبروري تي اسپتال منتقل ڪيو ويندو“

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي جيل کان اسپتال منتقلي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته، هن واضح ڪيو آهي ته عمران خان جي اسپتال منتقلي صرف انجيڪشن لاءِ هوندي. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي اکين جي معائني بابت نوان واقعا سامهون آيا آهن. صحافي زاهد فاروق ملڪ جمعي تي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ وزير مملڪتي طارق فضل چوڌري اشارو ڏنو آهي ته عمران خان کي 25 فيبروري تي اسپتال منتقل ڪيو ويندو. صحافي پاران عمران خان جي علاج بابت پڇڻ تي هن چيو ته عمران خان کي 25 جنوري تي پهريون انجيڪشن لڳايو ويو هو، ٻه وڌيڪ انجيڪشن اڃا تائين نه لڳايا ويا آهن. هن چيو ته ٻئي انجيڪشن جي تجويز ڪيل تاريخ 25 فيبروري آهي، جنهن کان پوءِ ٺيڪ هڪ مهيني بعد کيس ٽيون انجيڪشن ڏنو ويندو ۽ هي علاج اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موجود بهترين اسپتالن ۾ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.