هنڊريڊ ليگ مان پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي نيڪالي جو منصوبو، مائيڪل وان پاران انگلش بورڊ کان جاچ جو مطالبو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر مائيڪل وان انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ترت اهڙين خبرن جي جاچ ڪري، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڀارتي ملڪيت رکندڙ فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊگھي عرصي کان جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻئي ملڪ رڳو آءِ سي سي ايونٽس ۾ هڪ ٻئي خلاف کيڏندا آهن.
ويجهڙ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪولمبو ۾ شيڊيول ميچ رڳو ان صورت ۾ ممڪن ٿي هئي جڏهن پاڪستان بائيڪاٽ واري ڌمڪي تان هٿ کڻي ويو هو.
ٻنهي ملڪن جي سياسي معاملن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل)، جيڪا دنيا جي سڀ کان منافعي بخش ٽي ٽوئنٽي ليگ آهي ۾ پهرئين ايڊيشن کانپوءِ در بند آهن.
ان ڏس ۾ انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان جو چوڻ آهي ته اي سي بي کي فوري طور تي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جاچ ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته بي بي سي جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ايندڙ مهيني ۾ ٿيندڙ ”دي هنڊريڊ“ جي پليئرز آڪشن ۾ چار ڀارتي ملڪيت واريون فرنچائزز ڄاڻي واڻي پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪنديون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 50 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ليگ لاءِ پنهنجي دستيابي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ڄاڻايل چار ئي فرنچائز پڻ نيلامي ۾ حصو وٺنديون.
جيڪوڻيڪ اي سي بي اڃا تائين بي بي سي جي رپورٽ تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو، پر مائيڪل وان جو چوڻ آهي ته بورڊ کي ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ گهرجي.
اي سي بي جي ترجمان چيو آهي ته دي هنڊريڊ ليگ دنيا جي مرد ۽ عورتن جي رانديگرن کي ڀليڪار ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته اٺ ئي ٽيمون هن تنوع کي برقرار رکنديون.
واضح رهي ته گذريل سال رڳو ٻه پاڪستاني رانديگر، محمد عامر ۽ عماد وسيم ئي ان ليگ ۾ شامل ٿيا هئا ۽ ان وقت نيون فرنچائز ليگ جو حصو نه هيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.