لنڊن/ماسڪو/تهران (ويب ڊيسڪ) روس جوهري پروگرام جي حوالي سان ايران سان رابطو ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب، روسي پرڏيهي وزارت اڄ پنهنجي ٽيلي گرام چئنل ذريعي اعلان ڪيو ته روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ملڪ جي جوهري پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
واضح رهي ته روسي پرڏيهي وزير گذريل ڏينهن چيو هو ته ايران تي آمريڪي حملي جا سنگين نتيجا نڪرندا.
هن اهو به چيو هو ته ”مان خطي ۾ نار وارن عرب ملڪن جي ردعمل تي گهري نظر رکان ٿو، ڪو به ڇڪتاڻ کي وڌائڻ نٿو چاهي، سڀ ڄاڻن ٿا ته هو باهه سان کيڏي رهيو آهي.“
روسي پرڏيهي وزير موجب، ڇڪتاڻ ۾ واڌ ويجهڙائي وارن سالن دوران کنيل هاڪاري قدمن جي اثرن کي ختم ڪري رهي آهي، جن ۾ ايران جي پاڙيسري ملڪن خاص ڪري سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ بهتري شامل آهي.