لنڊن (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي مصري هم منصب عبدالعلي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس آمريڪا سان جاري ڳالهين تي اعتماد ۾ ورتو.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، فون ڪال دوران ايراني پرڏيهي وزير واشنگٽن سان ڳالهين لاءِ هڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جيڪو گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل هجي.
مصري پرڏيهي وزير ايران ۽ آمريڪا ٻنهي لاءِ قبول ڪرڻ جوڳي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ مشاورت ۽ رابطا جاري رکڻ تي زور ڏنو.