ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 5.6 جي شدت جو زلزلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
موسميات کاتي موجب، جمعي جي شام 6 لڳي 10 منٽن تي هڪ زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي شدت 5.6 هئي، زمين اندر گهرائي 73 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز افغانستان جي هندوڪش وارو ريجن هو.
اسلام آباد سميت ڪي پي جي مختلف شهرن، سوات، پشاور ۽ ايبٽ آباد ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي سبب ماڻهو خوف ۾ ڪلمو پڙهندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.