اسلا م آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جي استعمال جا ثبوت سامهون اچي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، 16 فيبروري تي باجوڙ ۾ ملنگي پوسٽ تي آپگهاتي حملو ڪندڙ خارجي افغان شهري هو، آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ خارجي احمد عرف قاري عبدالله ابوذر جي نالي سان ٿي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته احمد عرف قاري عبدالله ابوذر افغانستان جي صوبي بلخ جو رهواسي ۽ طالبان اسپيشل فورسز جو حصو پڻ رهيو هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان ۾ٿيندڙ دهشتگردي جا پيرا سرحد پار وڃن ٿا، 6 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملي واري بمبار به افغانستان ۾ ٽريننگ حاصل ڪئي هئي.
You might also like