جيل ۾ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ مخصوص جاءِ هئڻ گهرجي: راجپال يادَو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار راج پال يادَو جيل ۾ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ جاءِ مختص ڪرڻ جي فرمائش ڪري ڇڏي.
اداڪار راج پال يادَو چيڪ بائونس ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تحت پاڻ کي جيل اختيارين حوالي ڪيو هو، جڏهن ته اربع ڏينهن اداڪار جيل مان آزادي حاصل ڪري ورتي، جنهن تي هن فلمي برادري ۽ مداحن طرفان سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.
جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي رياست اُتر پرديش جي شهر شاهجهان پور ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راج پال يادَو چيو ته ڏکئي وقت ۾ کيس ماڻهن وٽان اڻ ڳڻيو پيار مليو.
جيل ۾ گهاريل وقت بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جيلن اندر به سگريٽ نوشي لاءِ مخصوص جاءِ هئڻ گهرجي، جيئن ريلوي اسٽيشنز ۽ هوائي اڏن تي سهولتون موجود هونديون آهن.
اداڪار ان ڳالهه تي به زور ڏيندي چيو ته جيلن کي اصلاحي مرڪزن طور ڪم ڪرڻ گهرجي جتي قيدين کي تبديلي لاءِ منظم موقعا فراهم ڪيا وڃن.
واضح رهي ته نئي دهلي هاءِ ڪورٽ راج پال يادَو خلاف چيڪ بائونس جي مختلف ڪيسن ۾ ڏنل رعايت واپس وٺندي اداڪار کي هدايت ڪئي هئي ته هو 4 فيبروري تائين لاڳاپيل جيل سپرنٽنڊنٽ اڳيان سرينڊر ڪري، جنهن تي هن تِهاڙ جيل ۾ گرفتاري ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.