ڪهڙين تنظيمن کي عطيو ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي؟ فهرست جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب گهرو کاتي پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ غير رجسٽرڊ خيراتي ادارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
صوبائي گهرو کاتي موجب، فهرست ۾ 89 پابندي مڙهيل تنظيمون ۽ غير رجسٽرڊ خيراتي ادارن جا نالا شامل آهن.
گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997 تحت ڪالعدم تنظيمن جي مدد ڪرڻ ڏوهه آهي، شهري غير رجسٽرڊ ۽ پابندي مڙهيل خيراتي ادارن کي زڪوات، خيرات ۽ عطيو نه ڏين.
پنجاب جي گهرو کاتي موجب، رياست مخالف ڪالعدم تنظيمن جي مدد ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، صوبي ۾ خيراتي ادارن لاءِ پنجاب چيريٽي ڪميشن کان رجسٽريشن لازمي آهي، تنهنڪري شهري زڪوات، خيرات ۽ عطيو رڳو چيريٽي ڪميشن ذريعي رجسٽرڊ ادارن کي ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.