عمران خان خلاف پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، عدالت جو وڏو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ عدالت جوابدارن خلاف 5 مارچ تائين مڪمل چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسلام آباد جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ٻين خلاف فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سي ايف او سراج احمد ۽ نجي بئنڪ جي ملازم فيصل قاضي به جاچ ۾ شامل ٿي ويا.
عدالت جي جج عبدالغفور ڪاڪڙ جي روبرو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي طرفان ٻڌايو ويو ته 2 نوَن جوابدارن کانپوءِ چالان ٻيهر تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسپيشل پراسڪيوٽر واثق ملڪ به عدالت ۾ پيش ٿيا.
واثق ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته اڳ ۾ هن ڪيس جو جزوي چالان جمع ٿي چڪو آهي، هاڻي 2 نوان جوابدار به جاچ ۾ شامل ٿي ويا آهن، تنهنڪري ضمني چالان بدران مڪمل چالان ئي عدالت ۾ جمع ڪرايو ويندو.
جج عبدالغفور ڪاڪڙ پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ٻيهر چالان مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيتري مهلت گهرجي؟ جنهن تي اسپيشل پراسڪيوٽر چيو ته عدالت 10 کان 15 ڏينهن جو وقت ڏئي، اسان مڪمل چالان جمع ڪرائي ڇڏينداسين.
ان کانپوءِ عدالت 5 مارچ تائين پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف مڪمل چالان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جوابدار سراج احمد ۽ فيصل قاضي جي عبوري ضمانت 5 مارچ تائين منظور ڪري ورتي، جڏهن ته عدالت پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي 5 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.