ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ مان ٻاهر ٿيڻ ۽ شڪست جو ذميوار رانديگرن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ آسٽريلوي هيڊ ڪوچ ميڪڊونلڊ چيو ته ٻڌو آهي ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته اسان ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ کي اهميت نٿا ڏيون، اسان گذريل ڪجهه عرصي کان ڀرپور تياري ڪري رهيا هئاسين.
هن چيو ته اسان 2021 ۾ ورلڊڪپ کٽيو هو ۽ ان کانپوءِ ڪاميابي نه ملي، آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم مان اميدون تمام گهڻيون هونديون آهن، جيڪو درست آهي.“
هو وڌيڪ چيو ته ” ڪارڪردگيءَ جو واسطو ان سان نه هئڻ گهرجي ته ڪجهه رانديگر اسان جي ٽيم ۾ شامل نه هئا، اسان کي پرفارمنس ڏسڻي گهرجي، جنهن اسان کي مايوس ڪيو، اسان کي انهن پرفارمنسز کي قبول ڪرڻو پوندو.“
سندس چوڻ هو ته ” زمبابوي خلاف ميچ ۾ اسان کي وڌيڪ رنسون ٺاهڻ گهرجن ها، جڏهن ته راند ٽنهي شعبن ۾ بهتري جي ضرورت آهي، ڪيترن رانديگرن ايڪي جو مظاهرو ۽ گڏجي پرفارم نه ڪيو، هينئر هر شيءِ مٿان آڱر کڻڻ جو وقت ناهي.“
هيڊ ڪوچ چيو ته واپس وڃي سمورن معاملن جو جائزو وٺنداسين ۽ ان لاءِ ٿورو وقت گهربل هوندو، ايندڙ ورلڊڪپ کان اڳ به ٽورنامينٽس آهن، اسان جا رانديگر آءِ پي ايل، پي ايس ايل ۽ بي بي ايل کيڏندا، ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل سيريز گهٽ آهن پر اسان پنهنجي تياري جاري رکنداسين.“
ياد رهي ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي گروپ مرحلي ۾ زمبابوي ۽ سريلنڪا هٿان شڪست ٿي، جڏهن ته ورلڊڪپ کان اڳ آسٽريليا کي پاڪستان خلاف سيريز ۾ به ڪلين سوئپ کي منهن ڏسڻو پيو هو.