شهبازشريف جا هڪ ٻئي پٺيان پرڏيهي دورا،ملڪ کي ڇا مليو؟

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهبازشريف جي مارچ 2024 کان 38 پرڏيهي دورن تي تنقيد ڪئي وئي آهي، جيڪي مهانگا ۽ غير ضروري سمجهيا پيا وڃن،ان دوران، ملڪ 600 ملين  ڊالر جو نئون قرض 6.3 سيڪڙو وياج تي ورتو آهي،ٻئي پاسي  پرڏيهي سڌي سيڙپڪار   41  سيڪڙو گهٽجي 981 ملين ڊالر تي آئي آهي،پنجاب حڪومت جو 36 ملين ڊالر جو جهاز خريد ڪرڻ پڻ عوامي خرچ جي تضادجو مثال آهي،سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا لکيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي دنيا جي مسلسل دورن جو نتيجو، هڪ جهاز تان لهي ٿو، ٻئي تي چڙهي ٿو ۽ ملڪ ۾ مختصر وقت لاءِ هوندو آهي،.هاڻي تائين تقريباً 40 کان وڌيڪ پرڏيهي سفر ڪري چڪو آهن، جڏهن ته نواز شريف جو رڪارڊ 120 دورا هو، ۽ تعداد وڌائڻ جو امڪان آهي.مطلب، عوام کي فائدو نه مليو، پر خرچ وڏو ٿيو.انهن دورن کان ملڪ کي بزنس يا سيڙپڪاري جو ڪجھ به نه مليو.قرضن ۾ مسلسل اضافو ٿيو، ۽ $600 ملين جو نئون قرض وٺڻو پيو. مريم نواز لاءِ 10 ارب رپين جو نئون جهاز خريد ڪيو ويو.ٻئي پاسي حامد فلڪي ٽوئيٽ ڪيو ته جنگ کان پوءِ دنيا جو پاڪستان ڏانهن زاويو بدلجي ويو آهي.ڀارت جي ڊگھي پرڏيهي اليسي تي سوال اُٿيا آهن، جنهن سان پاڪستان کي عالمي سياست ۾ پنهنجو موقف مضبوط ڪرڻو پيو.معيشت ۽ پرڏيهي پاليسي لازمي طور هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن،ايڊووڪيٽ افشان اعواڻ لکيو ته اڪ-ڀارت ٽڪر کان پوءِ شهباز شريف جي ڊپلوميسي پاڪستان جي عالمي سڃاڻپ وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي،خديجه رياض لکيو  ته شهباز شريف ۽ عاصم منير جي مضبوط قيادت پاڪستان کي عالمي سطح تي اعتماد ۽ احترام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.