رمضان جي مهيني کي ”برڪتن“ وارو مهينو چيو ويندو آهي. هن مهيني جون هي برڪتون مذهب جي روح تحت ته ضرور ملنديون هونديون پر دنياوي سطح تي به ان مهيني جون برڪتون ملڻ گهرجن ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن هن مهيني ۾ رڳو حڪومتون نه پر هر ماڻهو خاص ڪري ڪاروباري طبقو هڪٻئي کي رليف ڏئي ته جيئن عملي طور هي مهينو برڪتن وارو ثابت ٿئي پر افسوس ته دنياوي سطح تي ايئن ناهي ۽ هن مهيني اندر خاص ڪري ڪاروباري ۽ ذخيزا اندوز طبقو کاڌي پيتي جي شيئن ۾ مهانگ ڪري عوام کي پنهنجي طور وڏي پئماني تي لٽيندو ۽ ڦريندو آهي جيڪو هر لحاظ کان غير اخلاقي ناقابل برداشت رويو آهي.
رمضان مهيني ۾ جيئن ته مسلمان سحري وقت روزو رکندو آهن ۽ شام جو سڀ گڏجي روزو کوليندا آهن ته ان مهيني جو ڪلچر ئي ٻيو ٿي ويندو آهي. روزائتن جي احترام ۾ حڪومتون آفيسن ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪم جو وقت گهٽائي روزائتن جو خاص خيال ڪنديون آهن ته جيئن اهي مسلمان روزو کولڻ وقت گهر ۾ موجود هجن. پر ڪاروباري طبقو وري هن مهيني کي ڪمائڻ جو مهينو ڪري ملهائيندو آهي ۽ رمضان ۾ کاڌ خوراڪ جي شيئن جو اگهه وڌائي ڇڏيندو آهي جڏهن ته ڏسجي ته عام مهينن جي ڀيٽ ۾ ان مهيني عام ماڻهو افطاري لاءِ ضرورتن کان وڌيڪ کائڻ پيئڻ جون شيون وٺندو آهي جنهن سان ڪاروباري طبقي جي ڪمائي ۾ اونئن ئي برڪت پوندي آهي پر ان برڪت تي شڪر ڪرڻ بدران ان برڪت کي لالچ جي ڌنڌي ۾ تبديل ڪندي کائڻ پيئڻ جي شيئن ۾ عام مهينن جي ڀيٽ ۾ پاڻمرادو ذخيرو به ڪندا آهن ۽ وڌيڪ اگهه رکي ڇڏيندا آهن ۽ عوام جي مجبوري جو ناجائز فائدو وٺندا آهن.
روزائت رمضان مهيني ۾ افطاري جي موقعي تي جيئن ته گڏجي روزو کوليندا آهن ته دعوت جو ماحول جڙي ويندو آهي. ايئن به چيو ويندو آهي ته گڏجي کائڻ سان برڪت پوندي آهي ان ڪري افطاري وقت باقي مهينن جي ڀيٽ ۾ کائڻ پيئڻ جو خاص بندوبست ڪيو ويندو آهي. جنهن سان گهرڀاتين ۽ مٽن مائٽن کي گڏ ويهڻ ملڻ جلڻ جو خوبصورت موقعو ملي ويندو آهي. ان ئي مهيني 15 هين روزي کان پوءِ افطاري پارٽين جو به اهتمام ڪيو ويندو آهي، انهن افطاري پارٽين ۾ به معمول کان وڌيڪ کاڌ خوراڪ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. ان ڪري ڪاروباري طبقي جون اونئن ئي سڀ آڱريون گيهه ۾ هونديون آهن پر پوءِ به اهي کاڌ خوراڪ جي شيئن جي اگهن ۾ ناجائز اضافو ڪري ان بابرڪت مهيني ۾ پيا گناهه ڪندا آهن.
اخلاقي طور تي ۽ ايمان جي جذبي تحت ڪاروباري طبقي،دڪاندارن، فروٽ ۽ سبزيون وڪرو ڪندڙن کي پاڻمرادو اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته هن مهيني ۾ کائڻ پيئڻ جي شيئن جا اگهه غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور نه وڌائڻ گهرجن. اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪاروباري طبقي ۽ دڪاندارن کي پاڻمرادو اهڙو احساس ڇو نٿو ٿئي ته هن مهيني ۾ خاص طور تي به”ايمانداري“ جو خيال ڪجي ۽ پنهنجي حصي جو رليف عوام کي ڏجي جيڪو ڏئي سگهجي ٿو. پر افسوس ته ان پاسي سندن ڌيان ناهي.
ٻئي پاسي حڪومت آفيسن ۽ تعليمي ادارن جا ڪم ڪرڻ ۽ پڙهائڻ جا ٽائيم به گهٽائيندي آهي ته بجلي ۽ گيس جي لوڊشيئنڊنگ به روزائتن جي احترام ۾ نه ڪرڻ جا اعلان ڪندي آهي ان کان علاوه غريبن لاءِ راشن جا خاص پئڪيج به ڏيندي آهي. ايئن سرندي وارا شاهراهن ۽ روڊن رستن تي افطاري لاءِ خاص دسترخوان به وڇائيندا آهن ته جيئن غريب غربو عزت ۽ آبرو سان روزو کولي سگهي. پر هڪڙو ئي طبقو آهي جيڪو ايمان جي جذبي کان وانجهيل هوندو آهي جيڪو آهي ڪاروباري ۽ منافعو ڪمائڻ وارو طبقو جنهن ۾ دڪاندار، فروٽ ۽ سبزيون وڪرو ڪندڙ وغيره شامل آهن.
جيتوڻيڪ ضلعي حڪومت کائڻ پيئڻ جي شيئن جي واڌو اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڇاپا به هڻندي آهي ۽ مٿن ناجائز توڙي واڌو اگهه وٺڻ تي ڏنڊ به لڳائيندي آهي پر مجال آهي جو ڪاروباري طبقو ۽ دڪاندار ان ڪڌي ڪم کان رڪجن. تنهن ڪري حڪومت کي اها تجويز ڏئي سگهجي ٿي ته اها رمضان المبارڪ جي خاص مذهبي مهيني جي احترام ۾ ان ڪاروباري طبقي سان گڏجاڻي ڪري ۽ انهن سان ويهي ان هر سال جي مسئلي کي حل ڪرائي ته اهو ان جو يادگار ڪم ليکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته مارڪيٽن ۽ دڪانن تي ڇاپن ۽ ۽ ڏنڊن لاڳو ٿيڻ جي روايتي طريقن سان اهو مسئلو حل نٿو ٿئي ان لاءِ ڪاروباري طبقي جي نمائنده تنظيمن سان حڪومتن کي رمضان مهيني کان اڳ ئي ڳالهائڻ گهرجي. ايئن عيد جي موقعي تي به عوام کي خاص رليف ڏيڻ جو اهتمام ڪرڻ گهرجي ان لاءِ به ڪاروباري طبقي جي نمائنده تنظيمن سان ڳالهائڻ گهرجي.
اسان جو مقصد اهو آهي ته هن مذهبي ۽ بابرڪت مهيني ۾ هر مسلمان هڪٻئي کي رليف ڏئي ۽ ان جي شروعات پاڻ کان ڪري. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ان پاسي سوچبو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به آگاهي جا اهڙا پروگرام ڪرڻ گهرجن ۽ خاص ڪري ڪاروباري طبقي سان ٽاڪ شوز ڪرڻ گهرجن ته آخر اهي رمضان مهيني ۾ کائڻ پيئڻ جي شيئن تي غير قانوني ۽ ناجائز نموني ڇو واڌو اگهه مقرر ڪندا آهن، اها سندن مجبوري آهي يا ڪا لوڀ آهي. جيستائين ان پاسي سوچيو نه ويندو ۽ ڪاروباري طبقي مٿان رليف ڏيڻ لاءِ دٻاءُ نه وڌو ويندو تيستائين لڳي ٿو ته ان معاملي ۾ روزائتن کي ڪو خاص رليف نه ملي سگهندو.