لنڊن (ويب ڊيسڪ) چُست رن اَپ، اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين جهڙو ايڪشن ۽ هٿ مان نڪرندي ئي تيز رفتار بال جيڪو بيٽر کي پريشان ڪري سگهي ٿو.
اِهو مڪمل پيڪيج رڳو 8 ورهين جي نينگري آئينا وزير آهي، جنهن جون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز اڳوڻن ڪرڪيٽرز سان گڏ مقامي ٽيمُن کي به دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان سان واسطو رکندڙ آئينهاوزير وائرل وڊيوز جي ڪري ڪجهه ئي ڏينهن اندر وڏي مشهوري ماڻي چڪي آهي.
ان ڏس پاڪستان سُپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي مالڪ جاويد آفريدي اعلان ڪيو آهي ته آئينا کي زلمي وومين ليگ جو حصو بڻايو ويندو.
جاويد آفريدي پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو ته ” ماشاءَالله آئينا وزير نهايت ٽيلينٽڊ پليئر آهي ۽ هوءَ سٺي پليٽفارم تي اچڻ جي حقدار آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”آئينا کي ڪرڪيٽ جو مڪمل سامان ۽ سهولتون ڏنيون وينديون ته جيئن هوءَ پنهنجو ٽيلينٽ نکاريندي اڳتي وڌي سگهي.“
ڪجهه ڏينهن اڳ وائرل ٿيل وڊيو ۾ آئينا کي اتر وزيرستان جي تعلقي شيوا جي علائقي شغا زلول خيل ۾ جبلن جي هنج ۾ فاسٽ بالنگ ۽ بيٽنگ ڪندي ڏٺو ويو.
برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائيندي آئينا جو چوڻ هو ته کيس ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ جو شوق آهي.
هن چيو ته ” هاڻي منهنجي پنهنجي ٽيم به آهي ۽ اسان ٻه ٽورنامينٽ پڻ کٽي چڪا آهيون.“
سندس چوڻ هو ته کيس پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم جي بيٽنگ جو انداز وڻندو آهي، پر هوءِ پاڻ بالنگ ڪرڻ پسند ڪري ٿي، ڇو ته کيس بيٽنگ ۾ ايترو مزو نٿو اچي.
آئينا جي چوٽ منظور جو چوڻ هوته آئينا پاڻ ۾ چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهن، پر ڪرڪيٽ جو شوق صرف آئينا کي آهي، پاڙي جا هڙئي ٻار پاڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏندا آهن، هن پنهنجو يونيفارم به ٺاهي ڇڏيو آهي ۽ انهن جا ٽورنامينٽس به ٿيندا آهن.
زلمي وومين ليگ جي عهديدار احد خان موجب شروعاتي طور آئينا کي زلمي جي ڪِٽ ۽ بيگ فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ليگ دوران کيس ڪوچنگ ۽ ٻيون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون.
پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثنا ۽ عاليا رياض به آئينا جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ سندس مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
واضح رهي ته اتر وزيرستان ملڪ جو پٺتي پيل علائقو آهي جتي ماضي ۾ دهشتگردي خلاف 2014ع ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ حالتون ڪجهه بهتر ٿيون، پر وقت به وقت دهشتگردي جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا، اهڙي علائقي مان هڪ نينگريءَ جو اهڙي انداز ۾ اُڀري اچڻ ڪيئي ماڻهن لاءِ حيرت ۽ خوشي جو سبب بڻيو آهي.
You might also like