اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان رليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آمريڪا مان آن لائن اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ هڪ نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.
پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي رمضان رليف پيڪيج 2026 جي منظوري ڏني وئي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت سمري پيش ڪئي.
پيڪيج تحت حقدارن خاندانن ۾ 13-13 هزار ورهايا ويندا، رمضان جي پهرئين هفتي دوران حقدارن کي رقم منتقل ڪئي ويندي.
اختيارين موجب رمضان رليف پيڪيج جي رقم ڊجيٽل والٽس ذريعي ورهائي ويندي، وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج جو ڪاٿو 38 ارب رپيا آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته رليف پيڪيج سان هڪ ڪروڙ 20 لک خاندان فائدو کڻندا.
You might also like