واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي هڪ ڀيرو ٻيهر کليل تعريف ڪئي آهي.
غزا بورڊ آف پيس جي پهرئين اجلاس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستاني وزيراعظم کي ڏاڍو پسند ڪندو آهيان، پاڪ – ڀارت جنگ دوران شهباز شريف سان لاڳاپا مضبوط ٿيا، ان سان ملاقاتون ٿيون آهن.
هن چيو ته پاڪستاني فيلڊ مارشل عاصم منير زبردست شخصيت آهي ۽ هو اعليٰ سپهه سالار آهي، هو هڪ سٺو فائيٽر آهي ۽ مون کي فائيٽر پسند آهن.
آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ – ڀارت جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته جنگ شدت اختيار ڪري رهي هئي، مان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ جنگ روڪرائي، ان ۾ 11 جنگي جهاز ڪيرايا ويا، جنگ ٿئي ها ته 25 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون وڃائجڻ جو خدشو هو.
سندس موجب مان پاڪستان ۽ ڀارت کي چيو ته جيڪڏهن جنگ ڪندئو ته واپار نه ڪندس، ٻئي ملڪ آمريڪا سان گهڻو واپار ڪندا آهن، مان چيو ته جيڪڏهن جنگ ڪندئو ته ٻنهي تي 200 سيڪڙو تائين ٽيرف لڳائيندس، هڪ رڙ ڪري چيو ته ائين نه ڪجو، پاڪستان ۽ ڀارت وڌيڪ جنگ چاهي رهيا هئا پر ٽريڊ ڊيل سبب مڙي ويا.
شهباز شريف کي ڏاڍو پسند ڪندو آهيان، فيلڊ مارشل زبردست شخصيت آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
You might also like