راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 4 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 18 ۽ 19 فيبروري جي وچين رات لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو ۽ ڪارروائي دوران فورسز هدف کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو.
ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 خارجي مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب خارجي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا.
You might also like