ٻڌڻي دوران رمضان ۾ ورلڊ ڪپ کٽڻ جي ذڪر تي عدالت جا دلچسپ ريمارڪس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ملڪ شهزاد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي روبرو بدنام زمانه ڇوٽو گينگ جي سربراهه سميت ٻين جوابدارن جي سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس شهزاد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته موت جي سزا جو ڪيس ٻه رڪني بينچ نٿي ٻڌي سگهي، پراسيڪيوٽر راءِ اختر حسين دليل ڏنا ته اهو ڪيس مشهور ڇوٽو گينگ جو آهي.
جسٽس شهزاد احمد ملڪ ريمارڪس ڏنا ته ڇوٽو گينگ ته پنجاب ۾ وڏي مشهور هئي، هونئن هاڻ ته سي سي ڊي سڀ ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سي سي ڊي وارا ته ڪيس وڙهندڙ وڪيل عمران کي به کڻي ويا هئا.
وڪيل سردار عثمان کوسا چيو ته مان به ڇوٽو گينگ طرفان پيش ٿي رهيو آهيان پر محفوظ آهيان.
وڪيل اپيل ڪئي ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڱاري ڏينهن ڪئي وڃي.
جسٽس شهزاد احمد ملڪ چيو ته اڱاري جي تاريخ گهري رهيا آهيو، استخارو ته ناهيو ڪري آيا؟
وڪيل سردار عثمان چيو اڱاري جي نه ته رمضان جي ڪا تاريخ ڏئي ڇڏيو، برڪت وارو مهينو آهي، ان ئي مهيني ورلڊ ڪپ کٽيو هو.
جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ان ورلڊ ڪپ جو ذڪر نه ڪندا ڪيو، جسٽس ملڪ شهزاد ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه ماڻهن کي ان ورلڊ ڪپ جو ذڪر سٺو ناهي لڳندو.
وڪيل چيو ته چيمپيئنز ٽرافي به رمضان ۾ کٽي هئي.
جسٽس ملڪ شهزاد وڪيل کي چيو ته اڳ ۾ توهان کي نه کنيو ويو، ائين نه ٿئي جو هاڻ ڪجهه ٿي وڃي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ڇوٽو گينگ جي سربراهه غلام رسول سميت 4 جوابدارن سزائن خلاف اپيل داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.