ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ نميبيا خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ پاڪستاني اوپنر صاحبزادا فرحان پنهنجي ڪرڪيٽ آئيڊل جو نالو ٻڌائي ڇڏيو.
اربع ڏينهن ڪولمبو ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ پاڪستان صاحبزادا فرحان جي شاندار سينچري جي مدد نميبيا کي کٽڻ لاءِ 200 رنسن جو هدف ڏنو.
صاحبزادا فرحان 58 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 100 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان جي 200 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي نميبيا جي ٽيم 97 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، شاندار سينچري تي صاحبزادا فرحان کي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
ميچ کان پوءِ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم سان ڳالهائيندي صاحبزادا فرحان چيو ته شروع ۾ وڪيٽ ڪجهه ڏُکي هئي، صائم ۽ مان اهڙا بيٽر آهيون جو تيز بال کي پسند ڪندا آهيون، پر پِچ سبب هتي بال رُڪي اچي رهيو هو.
هن چيو ته مون صائم ۽ سلمان آغا کي چيو هو ته ٿورو وقت وٺنداسين ، پارٽنرشپ ڪنداسين ته سٺو اسڪور ٿي سگهي ٿو ۽ اسان ائين ئي ڪيو.
وسيم اڪرم جڏهن کانئس سندس ڪرڪيٽ آئيڊل بابت پڇيو ته هن جواب ڏنو ته مون ڪرڪيٽ احمد شهزاد کي ڏسي شروع ڪئي، هو منهنجو ڪرڪيٽ آئيڊل آهي.
صاحبزادا فرحان چيو ته احمد شهزاد منهنجو فيورٽ ڪرڪيٽر آهي، جڏهن مون ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ ساڻس گڏ کيڏڻ جو موقعو مليو.
هن وڌيڪ چيو ته سچ اِهو آهي ته احمد شهزاد ئي منهنجو آئيڊل آهي، مان کيس کي فالو ڪندو آهيان ۽ بيٽنگ ۾ ڪو مسئلو پيش اچي ته کائنس رهنمائي پڻ وٺندو آهيان.