ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا نينگا گُپتا ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ليجنڊري ڪرڪيٽر سر ويوين رچرڊز سان پنهنجي لاڳاپن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هڪ تازي پوڊ ڪاسٽ چيو ته ويوين رچرڊز بابت مون کي لڳي ٿو ته ان وقت اسان ٻئي پيار ۾ هئاسين، جيتوڻيڪ اسان تمام گهٽ وقت گڏ رهياسين، پر جيڪو وقت گڏ گذاريو اهو ڏاڍو خوبصورت هو.
شادي نه ڪرڻ واري ڪارڻ بابت هن چيو ته اهو عملي طور ممڪن نه هو، ڇو ته ان لاءِ يا ته مون کي پنهنجي نوڪري ڇڏي ويسٽ انڊيز وڃڻو پوي ها، يا هن کي پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڀارت اچڻو پوي ها ۽ ٻنهي مان ڪا به ڳالهه ممڪن نه هئي.
اداڪارا چيو ته ان وقت مان پيار ۾ انڌي ٿي چڪي هيس، اهڙي صورتحال ۾ ڪير ٿو ٻين جي ڳالهه ٻڌي ٿو؟ ڪير پنهنجن فيصلن تي ويهي سوچي ٿو يا والدين جي ڳالهه مڃي ٿو؟
هن چيو ته مسابا کي جنم ڏيڻ جو فيصلو منهنجو پنهنجو هو، پوءِ مون ويوين کان پڇيو ته ڇا هو منهنجي فيصلي تي خوش آهي ۽ هن منهنجي فيصلي کي مان ڏنو.
نينا گپتا وڌيڪ چيو ته ويوين رچرڊز ڪڏهن به عوامي طور مسابا کي پنهنجي ڌيءَ طور قبولڻ نه ڪيٻايو آهي.
ادڪارا تسليم ڪيو ته اڪيلي ٻار جي پررورش سولو آسان ناهي ۽ اِهو ٻار لاءِ به صحيح ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ منهنجو فيصلو منهنجي لاءِ صحيح ثابت ٿيو، پر مان ٻين کي بنا غور ويچار جي اهڙو قدم کڻڻ جي صلاح نه ڏينديس.
ياد رهي ته نينا گپتا جي ذاتي زندگي بابت عورتن جي خودمختياري جي حوالي سان اڪثر بحث ٿيندو رهيو آهي، هن نومبر 1989ع ۾ شادي کانسواءِ مسابا کي جنم ڏنو، بهرحال،