پي ايس ايل: حيدرآباد ڪنگزمين آءِ پي ايل کي الوداع چوندڙ گلين ميڪسويل کي پنهنجو ڪري ورتو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي اسٽار ڪرڪيٽر گلين ميڪسويل پاڪستان سُپر ليگ (پي ايس ايل ) جو حصو بڻجي ويو، حيدرآباد ڪنگز مين ڪينگرو آل رائونڊري کي سائن ڪري ورتو آهي.
گذريل سال انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) کي الوداع چوڻ کانپوءِ عالمي اسٽار پي ايس ايل کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي گلين ميڪسويل پاڪستان سپر ليگ جو حصو بڻجي ويو آهي.
پي ايس ايل فرنچائز حيدرآباد ڪنگز مين گلين ميڪسويل کي سائن ڪري ورتو آهي، هو پي ايس ايل جي 11هين ايڊيشن ۾ حيدرآباد ڪنگز مين جي نمائندگي ڪندو.
گلين ميڪسويل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ کيڏڻ ۽ حيدرآباد جي نمائندگي ڪرڻ تي خوش آهيان، پاڪستان مان سدائين تمام گهڻو پيار مليو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ” مون لاءِ حيدرآباد ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي.“
واضح رهي ته گلين ميڪسويل ان کان اڳ ڀارتي ليگ آءِ پي ايل کيڏڻ کان معذرت ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.