هاڻي واٽس ايپ واهپيدار ويب ورزن ۾ به آڊيو/وڊيو ڪالز ڪري سگهندا، پر ڪيئن؟ طريقو ڄاڻيو

ميٽا طرفان نيٺ پنهنجي پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪالز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان کان اڳ واٽس ايپ تي آڊيو ۽ وڊيو ڪالز رڳو موبائل يا ڪمپيوٽرن لاءِ موجود ايپس ۾ ئي ممڪن هيون.
پر هاڻي واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ به هن فيچر کي هوريان هوريان متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
هاڻي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ واٽس ايپ واهپيدار ايپ بدران سڌو ويب برائوزر ۾ پيغام رسائيندڙ ايپ ذريعي ڪالز ڪري سگهندا.
هن فيچر تي ڊگهي عرصي کان ڪم جاري هو ۽ هاڻي ان کي مرحليوار متعارف ڪرايو پيو وڃي.
في الحال هي سهولت رڳو ون آن ون چيٽس لاءِ دستياب هوندي.
ان لاءِ ڪنهن به چيٽ کي کوليو ۽ مٿان رابطي جي نالي ڀرسان موجود ڪال آئڪن تي ڪلڪ ڪريو.
آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ سان آڊيو ۽ وڊيو ڪال وارا آپشن ظاهر ٿيندا.
ان کان اڳ سامهون آيل رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته واٽس ايپ ويب ورزن ۾ ڪالز کي اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو تحفظ حاصل هوندو ۽ ان لاءِ سگنل پروٽوڪول استعمال ڪيو ويندو.
ان کانسواءِ ويب ورزن ۾ اسڪرين شيئرنگ وارو فيچر استعمال ڪرڻ به ممڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.