اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي ٽنڊي الهيار مان تيل ۽ گيس جي دريافت ٿي آهي.
او جي ڊي سي ايل ترجمان موجب درس ويسٽ 3 کوهه مان روز 97 لک مڪعب فوٽ گيس جي پيداوار ٿيڻ جو امڪان آهي.
ترجمان چيو ته دريافت سان روز 580 بيرل ڪنڊينسيٽ جي پيداوار به حاصل ٿيندي.
ترجمان موجب گيس کي پراسيس ٿيڻ کانپوءِ سوئي ناردرن نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو ويندو.
You might also like