سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا جي عدالت ملڪ جي اڳوڻي صدر يون سوڪ يول کي بغاوت جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي عدالت اهو فيصلو ڊسمبر 2024 ۾ لاڳو ڪيل مختصر مارشل لا جي معاملي ۾ ٻڌايو آهي.
فيصلو ٻڌائيندي سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي جج چيو ته مارشل لا جي اعلان سان معاشري کي ڳري قيمت چڪائڻي پئي ۽ عدالت کي ان ڳالهه جو ڪو واضح اشارو نه مليو ته جوابدار پنهنجي قدم تي شرمندگي جو اظهار ڪيو هجي.
جج موجب يون سوڪ يول خلاف بغاوت جي قيادت جو ڏوهه ثابت ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
عدالت چيو ته يون سوڪ يول 3 ڊسمبر 2024 جي بغاوت جي منصوبابندي ڪئي هئي، فريادي طرفان معزول صدر لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو ويو هو.
واضح رهي ته 65 ورهين جي يون سوڪ يول کي مارشل لا لاڳو ڪرڻ تي مواخذي کانپوءِ عهدي تان هٽايو ويو هو.
يون سوڪ يول عدالتي ڪارروائي دوران پاڻ کي بي ڏوهه قررا ڏيندي موقف اختيار ڪيو هو ته کيس صدر طور مارشل لا لاڳو ڪرڻ جو آئيني اختيار حاصل هو ۽ سندس قدم اپوزيشن جماعتن طرفان حڪومتي معاملن ۾ رنڊڪون روڪڻ لاءِ هو.
ان کان اڳ ڏکڻ ڪوريا جي عدالت يون سوڪ يول کي مارشل لا ڪيس ۾ 5 سال قيد جي سزا به ٻڌائي هئي.
Next Post
You might also like