ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار گووندا جي گهرواري سُنيتا آهوجا چيو آهي ته جيڪڏهن سندس مڙس سُڌري وڃي ته هوءِ کيس معاف ڪري سگهي ٿي.
هندي سئنما سينيئراداڪار گووندا ۽ سندس زال سُنيتا آهوجا ويجهڙائي ۾ انٽرويو ۾ ماضيءَ جي تڪرارن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. سنيتا آهوجا گووندا کي معاف ڪرڻ واري نيت جو اظهار ڪندي چيو ته جي هو سُڌري وڃي ته کيس معافي ملي سگهي ٿي.
سنيتا جو چوڻ هو ته هو سڀ خبرون ٻڌڻ نٿي چاهي، هوءَ عمر جي ان حصي ۾ آهي جتي کيس ٻارن ۽ مڙس کان محبت گهربل آهي.
هن چيو ميڊيا ۾ ايندڙ الزامن کي گووندا کِلي ٽاريندو ڇڏيندو آهي ۽ سندس جواب سمجهه ۾ ناهن ايندا.
سنيا گووندا جي ڀرپاسي موجود ماڻهن کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته جيستائين هوءَ گووندا کي سنڀاليندي رهي تيستائين هو گُل جيان رهيو پر هاڻي نوان مئنيجرز آيا آهن، ۽ هو پنهنجي اسٽارڊم واري خاتمي کي سمجهي ناهي سگهيو.
ٻي پاسي گووندا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن فلمي سيٽ تي سدائين پروفيشنل رويو اختيار ڪيو آهي، ڪڏهن به ساٿي اداڪارائن سان بد تميزي ناهي ڪئي.
هن چيو ته سندس ڪا به ساٿي اداڪارا اهو نه چوندي ته هن ڪڏهن تنگ ڪيو يا اڻ وڻندڙ ٻولي ڳالهائي، هو ساٿي اداڪارائن جو ٿورائتو آهي.
گووندا جو چوڻ هو ته سندس امڙ به اداڪارا هئي، تنهنڪري هو ڪنهن عورت اداڪارا سان بدتميزيءَ جو سوچي به نٿو سگهي.
اداڪار نئين اداڪارن لاءِ به معافي جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته نين اداڪارائن کي مون سان گ0 ڪم ڪرڻ کان نه گهٻرائڻ گهرجي.
واضح رهي ته گووندا ۽ سُنيتا 1987ع ۾ شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي ٻن ٻارن جو اولاد پڻ آهي.
You might also like