ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون 7 هزار 9 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 23 هزار 962 رپين تي پهچي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 6 هزار 773 رپيا واڌ سان 4 لک 49 هزار 212 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 79 ڊالر اضافي سان 5 هزار 12 ڊالر جو ٿي ويو آهي.