لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پرو هاڪي ليگ ۾ آسٽريليا ۾ ٿيل ميچن ۾ لڳاتار شڪستن کانپوءِ پاڪستاني هاڪي ٽيم گذريل ڏينهن وطن واپس پهتي هئي. ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ هاڪي فيڊريشن تي سنگين الزام لڳائيندي بدانتظامي ۽ ناقص سهولتن جي شڪايت ڪئي هئي.
عماد بٽ جو چوڻ هو ته دوري دوران رانديگرن کي مناسب رهائش فراهم نه ڪئي وئي ۽ کاڌي پيتي جا انتظام به اڻپورا هئا، جنهن سبب کين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
سوشل ميڊيا تي گذريل ڏينهن کان آسٽريليا ۾ موجود پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي رهيون آهن، جن ۾ هو ڪٿي پنهنجو کاڌو پاڻ پچائيندي ۽ صفائي ڪندي نظر اچي رهيا آهن ته ڪٿي پنهنجن بيگز سان گڏ روڊ ڪناري ويٺل ڏسڻ ۾ آيا.
اهي تصويرون ۽ وڊيوز سامهون اچڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڱاري (17 فيبروري) تي معاملي جي جاچ جو حڪم پڻ ڏنو هو.
ان حوالي سان وضاحت ڏيڻ لاءِ هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق بگٽي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.
هن چيو ته ”وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل کان درخواست ڪيان ٿو ته هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا ان معاملي جي جاچ ڪري.“
طارق بگٽي بدانتظامي جو ذميوار پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي قرار ڏيندي ٽيم جي ڪپتان عماد بٽ تي ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل هاڪي ۾ ٻن سالن جي پابندي جو اعلان پڻ ڪيو.