ڪراچي: سولجر بازار ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو، 16 ڄڻا دٻجي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ رهائشي عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا آهن.
پوليس موجب، سولجر بازار ۾ صبح جو لڳ ڀڳ 4 وڳي عمارت ۾ گيس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت جو ڪجهه حصو ڪِري پيو، حادثي جو اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي ۽ ريسڪيو ادارن سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ٽي ماڙ هئي ۽ هر فلور تي هڪ ڪمرو قائم هو، جڏهن ته سوڙهين گهٽين سبب ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ هينئر تائين 16 لاش ڪڍيا ويا آهن، جن ۾ 4 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيل ماڻهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪمشنر ڪراچيءَ کي جاچ ڪري ڌماڪي بابت جلد جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ڊي جي ريسڪيو 1122 برگيڊيئر واجد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گيس ڌماڪو عمارت جي پهرين ماڙ تي ٿيو ۽ امڪان آهي ته ڌماڪو گيس سلنڊر يا گيس ڇِڪڻ واري مشين سبب ٿيو هجي.
هن چيو ته وڌيڪ ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو آهي، جنهن لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ننڍي عمارت لاءِ خاص اوزار استعمال ڪندي لوهه ڪٽي ملبو هٽايو ويو آهي.
هوڏانهن ڊي آءِ جي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شروعاتي ڄاڻ موجب ڌماڪو گيس ليڪيج سبب ٿيو آهي، ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ ملبي هيٺان وڌيڪ هڪ لاش دٻيل هئڻ جو خدشو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ڪيميڪل جاچ کانپوءِ ئي ڌماڪي جي اصل نوعيت جو تعين ٿي سگهندو، جڏهن ته عمارت بابت لاڳاپيل کاتو ٻڌائيندو ته اها قانوني هئي يا غير قانوني، تعين ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.