بنگلاديش وڌيڪ آبادي ۽ غربت باوجود ڪجهه ڪري ڏيکاريو، پاڪستان سبق سکي؟

اسلام آباد(اياز امير)ملڪ ۾ خرابيون ته خرابيون آهن، ڪا به ڪاميابي ٻڌايو. قومي ناڪامين جي لسٽ ڊگهي آهي، ايٽم بم کان سواءِ ڪجهه به نٿو ٺهي. ايئر لائن نه هلي سگهي ريلوي نظام اسان جي هٿن ۾ تباهه ٿيو، روسين جي اسٽيل مل اسان کان نه هلي، معيشت جو ڇا حال آهي، اهو قوم ڏسي رهي آهي. ماڻهن کي طلب ۽ ضرورت جي عادت لڳي وئي آهي، قرضن هيٺ پاڪستان دٻيو پيو آهي. قرض جي ادائيگين ۽ دفاعي خرچن کان پوءِ ڇا بچي ٿو؟قوم سان ٿيندڙ وڏن حادثن بابت ڪا به سوال پڇڻ وارو ناهي، هتي سياسي نظام ڇا آهي؟ چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن، ڪرائي به ڏيون ته نتيجا اسان کي قبول نه ٿين ٿا، پوءِ فارم 47 جهڙي واردات ڪرڻي پوندي آهي. پوءِ وري  وڏي فخر سان چيو وڃي ٿو ته هي هائيبرڊ نظام آهي.بنگلا ديش جو عوام، جن کي هتي جي حڪمرانن گذريل وقت ۾ حقارت سان ڏٺو، هاڻي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته ڇا ممڪن آهي. بنگلاديش ۾ نيشنلسٽ پارٽي چونڊون کٽيون، جماعت اسلامي ٻي وڏي پارٽي طور سامهون آئي، پر هتي رواج آهي ته نتيجا اچن ٿا ته گارگند شروع ٿي وڃي ٿو،بنگلا ديشي عوام جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ آبادي وڌي وئي آهي، غربت به آهي، پر انهن ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي، جڏهن ته اسان ايتري ڪاميابي نه ڏيکاري آهي. تنهنڪري قومي ٺيڪيدارن کان اها درخواست آهي ته ايٽم بم کان سواءِ ٻي ڪا به ڪاميابي ٻڌايو.هندوستان سان چار ڏينهن واري مقابلي ۾ اسان جو پلڙو ٿورو ڀارو رهيو، صحيح انگ معلوم نه آهي، پر اسان جي هوابازن جو ڪردار بهتر رهيو. پر ان تي نه رهو، مقابلو ختم ٿي ويو، اڳتي ڏسڻ گهرجي. انهن جي معيشت ۽ اسان جي معاشي حالتن جو ڪو مقابلو ناهي. اهي پنهنجي پيرن تي بيٺا آهن، اسان اڃا به قرضن ۽ افلاطوني منصوبن ۾ ڦاٿل آهيون.هتي سياسي نظام ڪم نٿو ڪري، جڏهن به چونڊون ٿينديون آهن، ڌاندلي جا الزام کڻڻ شروع ٿيندا آهن. ڪو به ليڊر عوام ۾ مقبول ٿيو ته ان جي مخالفت ٿيندي آهي.بنگله ديش ڏسي چونڊون ٿيڻ هڪ معجزو لڳي ٿو، پر اميد رکڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 19 فيبروري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.