ملير (ڊر) جسقم ڪراچي ڊويزن جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر انعام سيال دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو قومي ڪارڪنن ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر انعام سيال دل جو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري گهر۾ ڪهرام مچي ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ايس يو پي صدر سيد زين شاهه ۽ ٻين قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان م سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته انعام سيال هڪ پڙهيو لکيو باشعور قومي ڪارڪن هو جنهن پنهنجي سموري شعوري زندگي سنڌ وطن جي آزادي ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سندس اوچتو وڇوڙو نه صرف جسقم جو پر پوري قوم جو نقصان آهي، اسين دعاگو آهيون ته مالڪ جسقم جي ساٿين ۽ سندس پوئرين کي اهو ڏک برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.