سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار ۽ ايم پي اي امين الحق پڻ گڏ سيوھڻپھچي عظيم صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي پھچي چادر چڙھي فاتحا خواني ڪئي ۽ ملڪ جي خوشحالي لاءِ دعائون گھريون، درياهه تي ميڊيا سان ڳالھائيندي گورنر سنڌ چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جتان پيار امن محبت جو پيغام ملي ٿو، سنڌ ۾ قلندر شھباز جھڙي ھستي موجود آهي ھتان ڪير به خالي واپس نه ويندو آهي، اسان جون ھتان مرادون پوريون ٿينديون آهن، آئون قلندر جي ڌرتي تان سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏيان ٿو ته گڏ ويھي پنھنجا سڀ اختلاف وسارين جنهن لاءِ ڳالھيون ڪري ملڪي مفاد ۾ معيشيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ “ڪل جماعتي قومي اتحاد“ ٺاهيو وڃي، غلطيون اسان کان به ٿيون آهن ان ڪري سڀ ڌريون مڃين ته سڀني کان غلطيون ٿيون آهن ۽ ھڪ ٻئي کان معافي وٺڻ گھرجي، ھي صوبو ملڪ ھلائي ٿو ۽ ملڪي آمدني جو 70 سيڪڙو مھيا ڪري ٿو پر ھتي ترقياتي ڪم ڪونھن، روزگار ڪونھي، سنڌ صوبي جي ترقي سڀ کان وڌيڪ آهي، سنڌ 10 ڪروڙ آبادي وارو صوبو آهي پر اسان ڪيستائين وفاق آڏو ھٿ ٽنگييون ۽ وفاق آءِ ايم ايف آڏو ھٿ ٽنگيندو ان ڪري اسان کي اختلاف ڇڏي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو، ھڪ سوال تي گورنر چيو ته صدر زرداري ملڪ جو صدر آهي جيڪڏهن ھو چوي ٿو ته ترقي ٿي آهي ته ھو ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالھائيندو آهي ۽ بلڪل ترقي ٿي آهي پر اھو ڏسڻو پوندو ته ترقي ڪٿي ٿي آهي.