ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل خاني جي ترجمان ٽم براهون رمضان المبارڪ جي شروعات تي هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڀلاري مهيني جي شروعات تي آمريڪي قونصل خاني ڪراچي جي ٽيم اوهان سميت اوهان جي پيارن کي امن، سڪون ۽ خوشين ڀريو رمضان مبارڪ چوي ٿي،هن چيو ته هي مهينو همدردي،پاڻ ويچار ڪرڻ ۽ پنهنجن سان ويجهو اچڻ جو مهينو آهي. اسان جي دعا آهي ته اهي ڏهاڙا اوهان لاءِ اميد ۽ برڪتون ساڻ کڻي اچن!