قاضي احمد(رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ گذريل چار ڏينهن اڳ زميني معاملي تان مارجي ويل ٻن نينگرين ۽ پيرسن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان احتجاج تي ويٺل ماڻهن تي سوين پوليس اھلڪارن نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻي مٿان ڳوڙھا آڻيندڙ آنسوگيس جواستعمال ڪندي پوليس لاٺي چارج ڪندي 150کان وڌيڪ مظاھرين کي گرفتارڪري ورتو، پوليس مظاھرين کي گرفتار ڪرڻ بعد اڻڄاتل ھنڌن تي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس مظاھرين کي گرفتار ڪرڻ بعد لاش پنھنجي تحويل ۾وٺي پوليس گاڏين سان لاش ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ کڻائي پھچي وئي، پوليس طرفان پوليس پھري هيٺ لاش دفنائڻ جي ڪوشش مقتولن جي وارث سوين عورتن جو پوليس جي ڏاڍ ظلم انساني حقن جي لتاڙ تي پوليس آڏو قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندي چيو آھي ته پوليس مک قاتل کي گرفتار ڪرڻ بدران ڌرڻي مٿان لٺبازي ڪندي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا فائر ڪندي 150کان وڌيڪ اسان جي مردن کي گرفتارڪري پوليس انساني حقن جي کليل لتاڙ ڪندي ظلم ڪيو آھي، پوليس اھو سڀ ڪجھه بااثرن ۽ قاتلن جي مدد ڪندي اسان سان ظلم ڪيو آھي، ڳوٺ ۾ صورتحال خراب ٿي وئي، پوليس وارث عورتن کي لاش دفنائڻ جو زور ڏيڻ لڳي، سڄي ڳوٺ ۽ قبرستان کي سوين پوليس اھلڪارن ڪڙو ڇاڙھي ڇڏيو، ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ۾ پوليس ۽ مقتولن جي وارثن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي، ڳوٺ اسماعيل ڀنڊ ڏانهن ويندڙ رستن تي پوليس بيٺل رهي، عورتن ڳوٺ ۾ پوليس آڏو احتجاج ڪندي چيو آھي ته پ پ جمھوريت جي دعويٰ ڪري ٿي پر اڄ پ پ حڪومت ضلعي نواب شاھ جي قاضي احمد نواب ولي محمد ڀرسان مظاھرين مٿان وحشياڻو تشدد ڪري آمريت جي دؤر جي ياد تازي ڪئي آھي، اسان جا مرد پوليس گرفتار ڪري کڻي وئي ۽لاش پوليس جي سخت پھري ھيٺ ڳوٺ ۾ آندا ويا اھڙو ظلم آمر جنرل ضياءُ الحق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪيو ان جي مڙھ کي پوليس جي پھري ۾ زبردستي دفن ڪيوويو اڄ اسان سان به پ پ جي جمھوري حڪومت جنرل ضياءُ وارو ڪردار ادا ڪندي اسان جي ٻارن سميت وڏي جومڙھ سوين پوليس اھلڪارن جي تحويل ۾ ڳوٺ کي پوليس ڪڙو چاڙھي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آهي پ پ حڪومت ضلعي نواب شاھ ۾ پوليس ھٿان چڙھايون ڪري آمريت جو ٻج ڇٽيو آھي اسان عورتون اقوام متحده سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت سمورن انساني حقن جي ادارن آڏو ٿيل ظلم ناانصافي جو ڪيس رکندي اپيل ڪريون ٿيون ته انصاف لاءِ آواز اٿاريو وڃي، انساني حقن جي لتاڙ ڪندڙ پوليس سميت سنڌحڪومت کان ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي ته سنڌحڪومت سان لاڳاپيل نواب شاھ ضلعي جي سمورن زميوار پوليس آفيسرن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ۽ پڇا ڪئي وڃي ته قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران فريادين کي گرفتار ڪري پوليس پھري ۾ لاش دفن ڪرڻ ڪٿان جوانصاف آھي.
-
ڌرڻي تي طاقت جو استعمال ظالماڻو عمل آهي: سوشل ميڊيا
ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) قاضي احمد ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ ٻن معصوم نينگرين ۽ پيرسن جي قتل کان پوءِ ڌرڻي تيپوليس طرفان طاقت جو استعمال ۽ لاش پوليس پهري هيٺ دفنائڻ واري واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ڏٺو ويو، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته پوليس جو ظالماڻو ڪردار افسوس جوڳو عمل آهي، سنڌ ۾ هاڻ اها صورتحال ٿي وئي آهي ته انصاف لاءِ ڌرڻا لڳي رهيا آهن، پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران بيگناهه ماڻهن مٿان تشدد ڪري گرفتاريون ڪري رهي آهي، واهيپدارن جو چوڻ هو ته ڌرڻي تي طاقت جو استعمال ظالماڻو عمل آهي، معصوم ماڻهن مٿان لٺبازي ڪري لاش کڻائي وري پوليس جي پهري ۾ دفنايا ويا، سياسي سماجي اڳواڻن سخت مذمت ڪندي چيو ته پوليس امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، روزانو معصوم ماڻهو مري رهيا آهن پر پوليس قاتلن بدران مقتول ڌر مٿان تشدد ڪري رهي آهي.