پاڪستان تحريڪِ انصاف جي قيام کي لڳ ڀڳ 30 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن. 25 اپريل 1996ع تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عمران خان لاهور ۾ هن جماعت جو بنياد رکيو. جون 1996ع ۾ تحريڪِ انصاف جي پهرين سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي عمران خان جي سربراهي ۾ ٺاهي وئي، جنهن ۾ نعيم الحق، احسن رشيد، حفيظ خان، مواحد حسين، محمود اعوان ۽ نوشيروان برڪي شامل هئا.
هن جماعت جو پهريون امتحان 1997ع جي عام چونڊون هيون، جن ۾ عمران خان سميت پارٽي جا سڀ اميدوار سخت شڪست کائي ويا. جڏهن ته اهو دور اهڙو هو جڏهن باني پي ٽي آءِ جي ڪرشماتي شخصيت هڪ پوري نسل کي متاثر ڪري چڪي هئي، ڇاڪاڻ ته صرف پنج سال اڳ 1992ع ۾ سندس قيادت هيٺ پاڪستان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو هو ۽ 1994ع ۾ هن ڪينسر جي علاج لاءِ شوڪت خانم اسپتال قائم ڪئي هئي. هن اسپتال لاءِ هن سڄي ملڪ مان چندو گڏ ڪيو، جنهن ۾ ماڻهن دل کولي عطيا ڏنا، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين به ڀرپور حصو ورتو. انهن ٻن ڪارنامن سبب هو ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي چڪو هو، پر سياسي ميدان ۾ کيس سخت ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پيو. انهن چونڊن ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان حڪومت قائم ڪئي.
آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته تحريڪِ انصاف ان قدم کي ساراهيو، جڏهن ته 2002ع جي صدارتي ريفرنڊم ۾ به سندس حمايت جو اعلان ڪيو ويو. ساڳئي سال ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي کي ٻيهر ناڪامي ملي ۽ رڳو عمران خان ميانوالي مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو. 2002ع کان 2007ع تائين هو قومي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جو واحد نمائندو رهيو. جنوري 2008ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيو. ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آيا. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊي ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي وئي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن نواز شريف جي قافلي تي به حملو ٿيو پر هو بچي ويو. انهن واقعن کان پوءِ چونڊن جي تاريخ 18 فيبروري مقرر ڪئي وئي. تحريڪِ انصاف ٻين جماعتن سان گڏ آل پارٽيز ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۾ شامل ٿي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو. ان وقت پارٽي کي 12 سال ٿي چڪا هئا، پر چونڊ سياست ۾ ان جو اثر محدود هو، تنهنڪري بائيڪاٽ جو ڪو خاص اثر نه پيو. پيپلز پارٽي همدردي ووٽ سان ڪامياب ٿي ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم چونڊيو ويو.
2011ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ لڳي ته سياست ٻيهر 1990ع واري ڏهاڪي ڏانهن موٽندي نظر آئي. اهڙي صورتحال ۾ تحريڪِ انصاف جي مقبوليت ۾ اوچتو اضافو ٿيو. 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينارِ پاڪستان تي جلسو ڪيو ويو، جيڪو انتهائي ڪامياب قرار ڏنو ويو. 25 ڊسمبر تي مزارِ قائد تي جلسو به وڏي پيماني تي ٿيو. انهن جلسن پارٽي جي سياسي اڀار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻين جماعتن جا اهم اڳواڻ به پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لڳا.
2013ع جي عام چونڊن ۾ عمران خان نئون پاڪستان جو نعرو ڏنو. نتيجن مطابق تحريڪِ انصاف قومي اسيمبليءَ ۾ نمايان سيٽون حاصل ڪيون، پر مرڪزي حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه آئي، جڏهن ته پهريون ڀيرو خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي. قيام کان 17 سال پوءِ صوبائي حڪومت جو قيام ان جي پهرين وڏي ڪاميابي هئي. انهن چونڊن کان پوءِ نواز شريف ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻيو، پر عمران خان ڌانڌلي جا الزام لڳائي تحريڪ شروع ڪئي. 14 آگسٽ 2014ع تي آزادي مارچ شروع ٿيو ۽ اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي چار مهينا ڌرڻو هليو. ايمپائر جي آڱر جو ذڪر به ان دور ۾ گهڻو ٿيو، پر 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول واري المناڪ واقعي کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.2016ع ۾ پاناما ڪيس سامهون آيو، جنهن بعد احتجاجي تحريڪ هلي ۽ نواز شريف کي نااهلي ۽ سزا ملي. 2018ع جي چونڊن ۾ 28 سال بعد تحريڪِ انصاف مرڪزي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ عمران خان وزيراعظم بڻيو. مخالف ڌرين هن حڪومت کي سليڪٽڊ قرار ڏنو. اپريل 2022ع ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي ۽ عمران خان عهدي تان هٽي ويو، جڏهن ته شهباز شريف نئون وزيراعظم بڻيو.
5 آگسٽ 2023ع تي عمران خان کي توشا خانه ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ گرفتار ڪيو ويو. 8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ پارٽي لاءِ حالتون ڏکيو هيون. چونڊ نشان نه هو ۽ جلسن جلوسن تي پابنديون هيون، تنهن هوندي به حامي اميدوارن نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهي. عمران خان کي قيد ۾ ٻه سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. پارٽي اڃا تائين پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي، پر جيڪڏهن قيد جو عرصو وڌيڪ ڊگهو ٿيو ته مستقبل بابت سوال اڀري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٽن ڏهاڪن کان پوءِ به پارٽي گهڻو ڪري هڪ ئي شخصيت جي چوڌاري گهمي ٿي. سياسي بصيرت جي تقاضا آهي ته معاملن کي سمجهه ۽ حڪمت سان اڳتي وڌايو وڃي، ڇو ته اهڙي ريت ئي هن جماعت جو سياسي مستقبل محفوظ ٿي سگهي ٿو.
آگسٽ 2023ع تي عمران خان کي توشا خانه ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي ۽ گرفتار ڪيو ويو. 8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ پارٽي لاءِ حالتون ڏکيو هيون. چونڊ نشان نه هو ۽ جلسن جلوسن تي پابنديون هيون، تنهن هوندي به حامي اميدوارن نمايان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهي. عمران خان کي قيد ۾ ٻه سال کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي. پارٽي اڃا تائين پنهنجو وجود برقرار رکيو آهي، پر جيڪڏهن قيد جو عرصو وڌيڪ ڊگهو ٿيو ته مستقبل بابت سوال اڀري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ٽن ڏهاڪن کان پوءِ به پارٽي گهڻو ڪري هڪ ئي شخصيت جي چوڌاري گهمي ٿي. سياسي بصيرت جي تقاضا آهي ته معاملن کي سمجهه ۽ حڪمت سان اڳتي وڌايو وڃي، ڇو ته اهڙي ريت ئي هن جماعت جو سياسي مستقبل محفوظ ٿي سگهي ٿو.