سنڌي سماج پاڻ کي صوفي روايتن علمي ورثي ۽ مهمان نوازي جي سڃاڻپ سان پيش ڪندو رهيو آهي پر ساڳئي سماج جي ڇاتيءَ ۾ هڪ رجعت پسند سوچ به پلجي ٿي جيڪا عورت کي انسان کان اڳ عزت جو استعارو ۽ عزت کي مرد جي ملڪيت سمجهي ٿي.
جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ کي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ بهاني سڏائي ساڻس گن پوائنٽ تي اجتماعي زيادتي ڪري وڊيو ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ پوءِ ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن وري آواز اٿارينديئين ته اهي اگهاڙيون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون وينديون هي صرف هڪ سارا تي ظلم ناهي هي پيغام آهي هر ان نياڻي لاءِ جيڪا اڳتي وڌڻ چاهي ٿي جيڪا پڙهڻ چاهي ٿي جيڪا پنهنجو آواز بلند ڪرڻ چاهي ٿي ته خبردار جيڪڏهن اسان جي مرضي خلاف هلندين ته تنهنجي عزت کي بازار ۾ آڻي ڇڏينداسين ڇا هي آزادي آهي ڇا هي مهذب سماج آهي اسان آزاد ملڪ ۾ رهون ٿا جتي آئين هر شهري کي اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو پوءِ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ٽڪ ٽاڪ ٺاهي ٿي يا پنهنجو خيال پيش ڪري ٿي ته ان جو جواب قانوني دليل سان ڏيڻ گهرجي يا بندوق سان. هن واقعي جو ڏک لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آهي
جيڪڏهن واقعي ئي پوليس شروعاتي طور رپورٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اها رڳو لاپرواهي ناهي، اها متاثر سان ٻيهر زيادتي ڪرڻ برابر آهي. هڪ دفعو جسم تي ظلم ٿيو، ٻيهر روح تي. ڇا اسان وٽ ادارا ان لاءِ آهن ته هو مظلوم کي وڌيڪ ٽوڙين؟ يا ان لاءِ ته هو ظالم کي روڪين؟ جڏهن ميڊيڪل ليٽر به وائرل ٿيڻ کان پوءِ جاري ٿئي ته پوءِ انصاف جي رفتار تي سوال نه اٿارينداسين ته ڇا ڪنداسين؟
هتي هڪ ٻيو خطرو به آهي سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو هجوم، جيڪو ڪڏهن جج بڻجي وڃي ٿو ته ڪڏهن جلاد. متاثر نياڻيءَ جي وڊيو شيئر ڪرڻ يا ان تي تبصرا ڪرڻ پاڻ به ڏوهه آهي، پر اسان وٽ سنسنيءَ جو نشو ايترو وڌي ويو آهي جو ماڻهو ٻين جي تڪليف کي تفريح بڻائي ڇڏين ٿا. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هر شيئر، هر فارورڊ، هر تماشو ڪنهن جي زندگيءَ تي مستقل داغ بڻجي سگهي ٿو.
ٻڌايو وڃي ٿو ته جڏهن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي تڏهن پوليس حرڪت ۾ آئي ڇا انصاف به هاڻي وائرل ٿيڻ جو منتظر هوندو ڇا مظلوم کي پهرين ذليل ڪري منظر عام تي آڻڻو پوندو تڏهن ئي قانون جا در کلندا هي واقعو صرف هڪ ڪيس ناهي هي اسان جي سماج جي بيمار سوچ جو آئينو آهي هي اهي ئي ماڻهو جيڪي نياڻين جي تعليم کي عيب سمجهن ٿا پر ياد رکو غيرت عورت کي ذليل ڪرڻ سان نه پر انصاف قائم ڪرڻ سان وڌندي آهي جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين جيڪڏهن اسان اڄ به برادري جي نالي تي ٿيندڙ ظلم کي نظرانداز ڪيو ته پوءِ سڀاڻي هر گهر جي نياڻي خطري ۾ هوندي اسان کي سماج تي به آڱر کڻڻي پوندي ۽ قانون تي به سوال ڪرڻو پوندو ڇو ته جيڪڏهن ادارا پنهنجو فرض وقت تي ادا ڪن ها ته شايد هي صدمو ايترو وڏو نه ٿئي ها آزاد زندگي گذارڻ هر انسان جو حق آهي ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ ڪو ڏوه ناهي پنهنجو خيال پيش ڪرڻ ڪو گناهه ناهي
جيڪڏهن اسان پنهنجي نياڻين کي عزت سان جيئڻ جو حق نه ڏينداسين ته پوءِ اسان جي سماج جو مستقبل به انهن قيد خانن ۾ بند رهندو جتي عورتن کي صدين کان قيد ڪيو ويو آهي انصاف جو تقاضو آهي ته شفاف جاچ ٿئي ذميوارن کي سخت سزا ملي ۽ انهن سڀني کي پيغام وڃي ته هي ملڪ ڪنهن جي ذاتي جاگير ناهي هتي هر انسان آزاد آهي ۽ آزادي تي بندوق جو سايو برداشت نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن اسان اڄ به نه جاڳاسين ته پوءِ تاريخ اسان کي به انهن ئي ڪُند ذهن ماڻهن جي قطار ۾ بيهاريندي جن پنهنجي انا لاءِ نياڻين جي لڄ لٽائي ۽ پوءِ غيرت جا ڪوڙا نعرا هڻي پاڻ کي پاڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.