ممبئي (ويب ڊيسڪ) عام طور جڏهن به بالي ووڊ مان اها خبر سامهون ايندي آهي ته ڪهڙي فلم باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ جو ڪاروبار ڪري ورتو آهي ته کوڙ ماڻهن جي ذهن ۾ سڀ کان پهرين شاهه رخ خان جو نالو ئي ايندو آهي، جنهن کي اڄ فلمي دنيا ۾ ”بادشاهه“ ۽ ”ڪنگ آف رومانس“ چيو ويندو آهي، پر ماضيءَ ۾ هن اهڙا ڪردار به ادا ڪيا جيڪي شايد ڪيترن ماڻهن کي ياد به نه هجن.
شاهه رخ خان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات 1989ع جي فلم ”ان وچ ايني گوز اِٽ دوز ونس“ ذريعي ڪئي هئي، جنهن ۾ هو هڪ شاگرد جي روپ ۾ نظر آيو هو ۽ اها ئي سندس پهرين فلم هئي.
ان فلم کي ان سال ڀارتي سرڪار طرفان ٻه قومي فلم ايوارڊ پڻ مليا هئا، پر اهي ايوارڊ شاهه رخ خان کي نه فلم جي اسڪرپٽ رائيٽر کي مليا هئا ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هن فلم جو اسڪرين پلي ڀارت جي مشهور ناول نگار ۽ بُڪر انعام يافته ليکڪا ارونڌتي راءِ لکيو هو، جڏهن ته هن فلم ۾ اداڪاري به ڪئي هئي.
فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ شاهه رخ خان ۽ ارونڌتي راءِ کانسواءِ اداڪار منوج باجپئي پڻ شامل هو، هي پهريون ۽ آخري موقعو هو جڏهن شاهه رخ خان ۽ ارونڌتي راءِ گڏ فلمي پردي تي نظر آيا.
اها فلم ارونڌتي راءِ جي جڳ مشهور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿنگز“ شايع ٿيڻ کان اٺ سال اڳ جنوري 1989ع ۾ رليز ٿي هئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ان فلم جي اسڪريننگ عالمي فلم فيسٽيول ”برلنالي“ ۾ ٿيڻِي هئي، پر ارونڌتي راءِ فيسٽيول ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ان فلم جي ڪهاڻي دهلي ۾ تعميراتي فن واري شعبي سان واڳيل شاگردن جي چوڌاري ڦري ٿي.
گذريل سال شايع ٿيل ارونڌتي راءِ جي آتم ڪٿا ”مدر ميري ڪمس ٽو مي“ ۾ به ان فلم جو ذڪر ملي ٿو، پر هن شاهه رخ خان جو ذڪر ناهي ڪيو.
فلم جي عنوان تحت لکيل هڪ باب ۾ ارونڌتي راءِ لکيو آهي ته ”اسان اونهاري جي موڪلن ۾ اسڪول آف آرڪيٽيڪچر ۾ فلم جي شوٽنگ ڪئي، ايني جو ڪردار ارجن رينا ادا ڪيو هو، جنهن سان گڏ مون برگد ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪيو هو، يم دوت جي ڪردار کانسواءِ، جيڪو روشن سيٺ ادا ڪيو، باقي ڪردار نون اداڪارن نڀايا، روشن سيٺ رچرڊ ايٽنبرگ جي فلم ’گانڌي‘ ۾ نهروءَ جو ڪردار ڪري مشهور ماڻي چڪو آهي، مان فلم ۾ راڌا نالي شاگردياڻي جو ڪردار ادا ڪيو هو.“
جيستائين فلم ۾ شاهه رخ خان جي ڪردار وارو سوال آهي ته هن هڪ شاگرد جو ڪردار ادا ڪيو هو جنهن جو نالو ”سينيئر“ هو.
واضح رهي ته چيو ويندو آهي ته اها شاهه رخ خان جي پهرين فيچر فلم هئي، ڇو ته ان کان اڳ هو رڳو ٽي وي سيريلز ۾ ئي ڪم ڪري رهيو هو.
ان فلم لاءِ ملندڙ قومي ايوارڊ ارونڌتي راءِ کي پنهنجي انوکي ساک قائم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني.
پنهنجي ڪتاب ۾ راءِ ايوارڊ واري تقريب واري ڏينهن جو هڪ دلچسپ واقعو پڻ لکيو آهي ته جڏهن هوءَ روزمره وارن ڪپڙن ۾ انعام وٺڻ لاءِ پهتي، جڏهن ته ايوارڊ ماڻيندڙ ٻيا ماڻهو مخصوص ۽ فارمل ڪپڙا پائي آيا هئا.
راءِ جي لباس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ سينيئر ڪاموري تبصرو ڪيو هو ته ”ايندڙ سال کان ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪيو ويندو.“ جنهن جي جواب ۾ ارونڌتي راءِ چيو هو ته ”ٺيڪ آهي، ايندڙ سال مان نه هونديس.“
ياد رهي جڏهن ڀارت ۾ مذهبي عدم رواداري ۽ تشدد وارن واقعن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي هئي، تڏهن ارونڌتي راءِ نومبر 2015ع ۾ اهو ايوارڊ احتجاجن تڏهوڪي حڪومت کي موٽائي ڏنو هو.
نومبر مهيني ۾ ئي شاهه رخ خان به هڪ انٽرويو دوران ملڪ ۾ وڌندڙ ”شديد انتها پسندي“ خلاف آواز اٿاريو هو.
هاڻي اچون ٿا فلم طرف ته ڀارت جي پبلڪ پراڊڪاسٽنگ ٽي وي چينل دور درشن تي رڳو هڪ ڀيرو نشر ٿيڻ کانپوءِ فلم جو پرنٽ خراب ٿي ويو هو، جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ”فلم هيريٽيج فائونڊيشن“ نالي اداري ٺيڪ ڪيو آهي.
فلم جي بحالي اٽڪل حادثاتي طور شروع ٿي، گهر منتقل ڪرڻ دوران فلم جي هدايتڪار پرديب ڪرشن کي هڪ ٽرنڪ اندر اسڪرپٽ ۽ ڪاغذ مليا.
هو اهي ضايع ڪرڻ وارو ئي هو جو هڪ دوست ان حوالي سان ”فلم هيريٽيج فائونڊيشن“ جي ڊائريڪٽر شيويندر سنگهه ڊنگرپور کي آگاهه ڪيو، جنهن ان فلم جي بحالي جي تجويز پيش ڪئي.
فلم جي بحالي وارو ڪم ايڏو ڏکيو هو جيئن فارنزڪ جو ڪم. رنگ غائب ٿي چڪا هئا، جڏهن ته سائونڊ ٽريڪ جي بحالي به ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو.
شيويندر سنگهه ڊنگرپور موجب، فلم جي ڪلائمڪس ۾ هڪ منظر آهي جڏهن ارونڌتي راءِ ڳاڙهي ساڙهي پائي ٿي، پر فلم جو جيڪو پرنٽ مليو هو ان ۾ رنگ بلڪل غائب هو.
فلم هيريٽيج فائونڊيشن موجب، هي فلم ايندڙ مهيني مارچ ۾ ڀارت جي مخصوص سئنما گهرن ۾ ڏيکاري ويندي.