مرد يا عورتون! دل جي دوري جو خطرو ڪنهن کي وڌيڪ هوندو آهي؟ محققن ٻڌائي ڇڏيو

آمريڪا جي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته مردن ۾ دل جي مرضن جو خطرو عورتن جي ڀيٽ ۾ 7 سال اڳ وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي.
خاص طور تي 35 سالن جي عمر کانپوءِ اهو خطرو تيزيءَ سان وڌندو آهي.
ان تحقيق ۾ 5100 کان وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن جون عمرون 18 کان 30 سالن جي وچ ۾ هيون ۽ ورهين تائين انهن جي صحت جو جائزو ورتو ويو.
نتيجن موجب هارٽ فيليئر ۽ هارٽ اٽيڪ جو خطرو مردن ۾ جلد وڌندو آهي، جڏهن ته اڌ رنگ جو خطرو مردن ۽ عورتن ۾ تقريبن برابر رهندو آهي.
محققن ٻڌايو ته سگريٽ ڇڪڻ، هاءِ بلڊ پريشر ۽ شگر جهڙا عمل خطري کي وڌائيندا آهن ۽ شروعاتي اسڪريننگ سان موتن جي شرح گهٽائي سگهجي ٿي.
اها تحقيق جرنل آف دي امريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.