ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: صاحبزادا فرحان جي سينچري، پاڪستان نميبيا کي هارائي سُپر ايٽ واري بس ۾ چڙهي پيو

ڪولمبو (وويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نميبيا کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 102 رنسن تان شڪست ڏئي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ڪولمبو جي سنهالي اسپورٽس ڪلب ۾کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب ڪئي، پر 40 رنسن جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب 14 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ڪپتان سلمان علي آغا به 23 بالن تي 38 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته خواجه نافع 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اوپنر صاحبزاده فرحان جي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 57 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان ناقابلِ شڪست سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته آل رائونڊر شاداب خان به ناٽ آئوٽ 36 رنز جي اننگز کيڏي.
نميبيا طرفان جيڪ بريسِل 2 جڏهن ته گرهارڊ ايراسمس هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان جي 200 رنز جي هدف پٺيان ڊوڙندي نميبيا جي بيٽنگ لائين واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 18هين اوور ۾ 97 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
نميبيا طرفان اسٽينڪيمپ 23 ۽ اليگزينڊر 20 رنسون ٺاهي سگهيا. پاڪستان جي عثمان طارق 4 ۽ شاداب خان 3 وڪيٽون ورتيون.
شاندار سينچريءَ تي صاحزادا فرحان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
هن ڪاميابي سان گڏ ئي گروپ اي مان پاڪستان ۽ ڀارت سُپر 8 ۾ پهچي ويون.
نميبيا خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون، شاهين آفريدي ۽ ابرار احمد جي جاءِ تي مرزا سلمان ۽ خواجه نافع کي موقعو ڏنو ويو هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.